ممتاز دانشور، شاعر،اديب ۽ سابق صوبائي محتسب خان يوسف جمال جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
لنڊن؛ 8 سيپٽمبر؛2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ممتاز دانشور، شاعر، اديب ۽ سابق صوبائي محتسب خان يوسف جمال جي وفات تي دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾انهن فرمايو ته مرحوم هڪ اعلٰي شخصيت جا مالڪ هئا ۽ انهن جون مختلف شعبن ۾ خدمتون نه صرف قابل قدر آهن بلڪه انهن تي مرحوم کي جيترو به خراج تحسين پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي.انهن فرمايو ته مرحوم جي وفات سان مون کي ذاتي طور تي صدمو پهتو آهي ۽ ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.