قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چوڙي پاڙه ۾ ٻه منزله عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ڪئي ۽ زخمين جي عيادت به ڪئي.
حيدرآباد؛ 7 سيپٽمبر؛2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي الياس آباد چوڙي پاڙه ۾ ٻه منزله عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ڪئي ۽ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي عيادت به ڪئي ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.ان موقعي تي حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي ۽ حق پرست ميمبر به انهن سان گڏ هئا.