Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پنجاب جو عوام مدد جو طلبگار آهي ۽ ماڻهو سياست ۾ مصروف آهن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


 Posted on: 9/7/2014 1
پنجاب جو عوام مدد جو طلبگار آهي ۽ ماڻهو سياست ۾ مصروف آهن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
حيدرآباد ۾ ڪوھ نور چوڪ تي لڳايل امدادي ڪيمپن جي دوري جي موقعي تي ڳالھ ٻولھ.
حيدرآباد؛7 سيپٽمبر؛2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي پنجاب ۾ طوفاني برساتن ۽ سيلاب متاثرن جي امداد جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل تي حيدرآباد ۾ ڪوھ نور چوڪ تي لڳايل امدادي ڪيمپن جو دورو ڪيو.ان موقعي تي حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي ۽ حق پرست ميمبر به انهن سان گڏ هئا.ان موقعي تي خالد مقبول صديقي چيو ته پنجاب جا عوام مدد جا طلبگار آهن ۽ ماڻهو سياست ۾ مصروف آهن. ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد سياسي جماعت آهي جيڪا ملڪي صورتحال تي سياست ڪرڻ جي بجاءِ عوامي خدمت ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي سياست صرف ۽ صرف عوامي خدمت تي ٻڌل آهي ۽ ملڪ جون تمام سياسي و مذهبي جماعتون جناب الطاف حسين جي تقليد ڪن ته عوام جي پريشانين جو خاتمو ٿي سگهي ٿو.ان موقعي تي حيدرآباد جي مختلف واپاري تنظيمن وڏي تعداد ۾ امدادي ڪيمپن ۾ کاڌي پيتي جون شيون جمع ڪرايون ۽ ايم ڪيو ايم جي خدمت کي ساراهيو.

7/18/2024 2:21:35 AM