Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

يوم فضائيه جي موقعي تي راشد منهاس شهيد( نشان حيدر) جي قبر تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن احمد سليم صديقي ۽ عارف خان ايڊووڪيٽ جي حاضري.


 Posted on: 9/7/2014 1
يوم فضائيه جي موقعي تي راشد منهاس شهيد( نشان حيدر) جي قبر تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن احمد سليم صديقي ۽ عارف خان ايڊووڪيٽ جي حاضري.
انهن جناب الطاف حسين جي طرفان شهيد جي قبر تي حاضري ڏني، گلن جي چادر چڙهائي ۽ فاتحه خواني ڪئي.
ڪراچي؛ 7 سيپٽمبر؛2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان رابطا ڪميٽي جي ميمبرن احمد سليم صديقي، عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ ٻين شهيد راشد منهاس جي قبر تي حاضري ڏني، گلن جي چادر چڙهائي ۽ فاتحه خواني ڪئي.انهن شهيد جي درجات جي بلندي ، ملڪ جي بقا و سلامتي، دهشت گردي جي خاتمي، آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي جي لاءِ دعائون به ڪيون.ان کان پوءِ انهن شهيد جي رهائشگاھ تي وڃي ڪري شهيد جي والده ۽ انهن جي ڀاءُ انجم منهاس سان ملاقات ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان شهيد راشد منهاس جي عظيم قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو.ان موقعي تي شهيد جي والده جناب الطاف حسين جي لاءِ نيڪ جذبن جو اظهار ڪندي ايم ڪيو ايم جي وفد جي آمد جو خير مقدم ڪيو.ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احمد سليم صديقي چيو ته شهيد راشد منهاس جي قرباني کي قوم ڪنهن به صورت فراموش ڪري نه ٿي سگهي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين پاڪ فوج جي طرفان آپريشن ضرب عضب جي مڪمل حمايت ڪئي آهي ۽ قوم جو ٻچو ٻچو دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ آهي.
****

7/18/2024 2:29:32 AM