Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جي طرفان سرگوڌا ۾ آستاني تي اڻ ڄاتل هٿياربندن جي طرفان فائرنگ ڪرڻ جي مذمت.


 Posted on: 9/7/2014 1
جناب الطاف حسين جي طرفان سرگوڌا ۾ آستاني تي اڻ ڄاتل هٿياربندن جي طرفان فائرنگ ڪرڻ جي مذمت.
وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير داخله ان افسوسناڪ واقعي ۾ ملوث وحشي دهشت گردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائين.جناب الطاف حسين جو مطالبو.
لنڊن؛ 7 سيپٽمبر؛2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سرگوڌا ۾ محفل سماء جي دوران آستاني ۾ اندر گهري ڪري اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ سان آستاني جي متولي فضل قادري، محفل ۾ شريڪ ڊاڪٽر ايوب سميت حساس اداري جي اعلٰي آفيسر بريگيڊيئر فضل رباني جي قتل ۽ 6 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته آستاني تي دهشت گردن جو حملو کليل دهشت گردي آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.جناب الطاف حسين ان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ بريگيڊيئر فضل رباني سميت ٻين شهيدن جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي فضل رباني سميت تمام شهيدن جا درجات بلند فرمائي ۽ سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان کان مطالبو ڪيو ته اهي ان افسوسناڪ واقعي جو نوٽس وٺن ۽ ان ۾ ملوث وحشي دهشت گردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائين.
****

7/18/2024 2:23:49 AM