Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جا ڪارڪنَ برسات ۽ سيلاب متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/7/2014 1
ايم ڪيو ايم پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جا ڪارڪنَ برسات ۽ سيلاب متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جتي ممڪن هجي اتي امدادي ڪيمپون لڳائن ۽ انساني زندگين جو تحفظ ڪن.
لنڊن؛ 7 سيپٽمبر؛ 2014
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جي تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي خصوصي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجن غير اهم ڪمن کي چڏي ڪري پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ طوفاني برساتن ۽ سيلاب متاثرن جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن مدد ڪن.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ طوفاني برساتن ۽ سيلاب سان وڏي پيماني تي جاني و مالي نقصان ٿي چڪو آهي، هزارين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ بي وسي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. انهن پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جي تمام ضلعن ۽ تعلقن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت فرمائي ته اهي پنهنجا تمام غير اهم ڪم چڏي ڪري مختلف ٽيمون تشڪيل ڏين ۽ متاثره علائقن ۾ جتي ممڪن هجي اتي امدادي ڪيمپون لڳائن ۽ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪن ته جيئن انساني زندگين جو تحفظ ٿي سگهي

7/18/2024 2:37:33 AM