Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قومي اسيمبلي جي ميمبر اعجاز الحق جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.


 Posted on: 9/7/2014 1
قومي اسيمبلي جي ميمبر اعجاز الحق جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
انهن قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جون اسٽعيفائون واپس وٺڻ جي فيصلي تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو.
ملڪ و قوم جي لاءِ اوهان جون خدمتون قابل تعريف آهن ۽ اوهان جهڙن ليڊرن جي پاڪستان کي سخت ضرورت آهي. اعجاز الحق.
ڏينهن رات جاڳي ڪري سياسي بحران کي افهام و تفهيم سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛7 سيپٽمبر؛2014
          مسلم ليگ ضياء جي سربراھ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر اعجاز الحق ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جون اسٽعيفائون واپس وٺڻ جي فيصلي تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو.جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي اعجاز الحق چيو ته قومي اسيمبلي جي ميمبرن جون اسٽعيفائون واپس وٺي ڪري ايم ڪيو ايم پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي لاءِ سٺو قدم کنيو آهي جنهن تي مان ذاتي طور تي تمام گهڻو خوش آهيان ۽ اوهان جو شڪرگذار آهيان.انهن فرمايو ته ملڪ و قوم جي لاءِ اوهان جون خدمتون قابل تعريف آهن ۽ اوهان جهڙن ليڊرن جي پاڪستان کي سخت ضرورت آهي. انهن سابق حق پرست سينيٽر ۽ معروف عالم دين علامه عباس ڪميلي جي صاحبزادي علي اڪبر ڪميلي جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ جناب الطاف حسين سميت تمام سوگوارن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. جناب الطاف حسين يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي اعجاز الحق جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته علي اڪبر ڪميلي جو وحشياڻو قتل هڪ وڏو سانحو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.انهن فرمايو ته مان گذريل ڪيترن ئي هفتن کان ڏينهن رات جاڳي ڪري سياسي بحران کي افهام و تفهيم سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان، هن وقت پاڪ فوج تاريخ جي مشڪل ترين جنگ ۾ مصروف آهي ۽ ملڪ جي ڪيترن حصن ۾ طوفاني برساتن ۽ سيلابي وهڪرن جي ڪري عوام سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن. وقت جو تقاضا آهي ته تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتون اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪن ۽ سياسي معاملن کي ڳالھ ٻولھ جي ذريعي حل ڪن.


7/18/2024 2:25:08 AM