Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

طوفاني برساتن ۽ سيلاب جي تباھي سان متاثر ٿيندڙ عوام هن وقت حڪومت ۽ تمام سياسي جماعتن جي توجه ۽ مدد جا طلبگار آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/7/2014 1
طوفاني برساتن ۽ سيلاب جي تباھي سان متاثر ٿيندڙ عوام هن وقت حڪومت ۽ تمام سياسي جماعتن جي توجه ۽ مدد جا طلبگار آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
قدرتي آفتن سان ٿيندڙ تباهي کي سامهون رکندي ڌرڻا ملتوي ڪرڻ گهرجن ۽ سڀني کي گڏجي ڪري متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي.پاڪستان علماء ڪائونسل جي سربراھ حافظ طاهر اشرفي سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
قدرتي آفتن کي سامهون رکي ڪري ڌرڻا ملتوي ڪرڻ جي اوهان جي تجويز درست آهي.حافظ طاهر اشرفي.
لنڊن؛ 7 سيپٽمبر؛2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته طوفاني برساتن ۽ سيلاب جي تباھي سان متاثر ٿيندڙ عوام هن وقت حڪومت ۽ تمام سياسي جماعتن جي توجه ۽ مدد جا طلبگار آهن.ان جي ڪري وقت جو تقاضا آهي ته تمام معاملا هڪ طرف رکي ڪري قدرتي آفتن سان متاثر ٿيندڙ عوام جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي، انهن اها ڳالھ اڄ پاڪستان علماء ڪائونسل جي سربراھ حافظ طاهر اشرفي سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.جناب الطاف حسين فرمايو ته هن وقت آزاد ڪشمير ۽ پورو پنجاب سيلاب ۽ طوفاني برساتن جي ڪري وڏي تباهي جو شڪار آهي، تمام گهڻو مالي نقصان ٿي چڪو آهي ۽ اهو سلسلو جاري آهي، قدرتي آفتن سان متاثر ٿيندڙ عوام هن وقت اسان جي فوري توجه جا منتظر آهن. انهن پنهنجي ان ڳالھ کي ورجايو ته ملڪ ۾ طوفاني برساتن ۽ سيلاب سان ٿيندڙتباهي کي سامهون رکندي اسلام آباد ۾ جاري ڌرڻا ملتوي ڪري چڏڻ گهرجن ۽ سڀني کي گڏجي ڪري قدرتي آفتن جي متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي.حافظ طاهر اشرفي جناب الطاف حسين جي ڳالھ جي مڪمل تائيد ڪئي ۽ چيو ته ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن جي رهنمائن کي اوهان جي ان تجويز تي توجه ڏيڻ گهرجي.انهن سياسي بحران جي حل جي لاءِ جناب الطاف حسين جي ڪوششن کي ساراهيو. حافظ طاهر اشرفي جناب الطاف حسين کي چيو ته اوهان قدرتي آفتن ۽ انهن سان ٿيندڙ تباهين جي سنگيني کي جهڙي طرح محسوس ڪيو ۽ کلي ڪري قوم جي جهڙي طرح رهنمائي ڪئي اها ٻين رهنمائن جي لاءِ به قابل تقليد ڳالھ آهي.حافظ طاهر اشرفي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي اسٽعيفائن جي فيصلي کي موخر ڪرڻ جو خير مقدم ڪيو ۽ چيو ته ايم ڪيو ايم جا نمائندا پارليامينٽ ۾ ملڪ جي محروم ۽ مظلوم عوام جي واحد آواز آهن ۽ انهن کي ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ پارليامينٽ ۾ وڃي ڪري پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

7/18/2024 2:22:58 AM