Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ممتاز عالم دين علامه عباس ڪميلي جي صاحبزادي علامه علي اڪبر ڪميلي جي شهادت هڪ وڏو سانحو آهي. جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/6/2014 1
ممتاز عالم دين علامه عباس ڪميلي جي صاحبزادي علامه علي اڪبر ڪميلي جي شهادت هڪ وڏو سانحو آهي. جناب الطاف حسين.
پابندي وڌل فرقي پرست تنظيمن جا دهشت گرد ڪراچي ۾ عالمن سڳورن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن،پروفيسرن، واپارين ۽ ٻين شخصيتن کي چونڊي چونڊي نشانو بڻائي رهيا آهن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 6 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين هٿيار بند دهشت گردن جي فائرنگ سان جعفريه الائنس جي سربراھ ۽ ممتاز عالم دين علامه عباس ڪميلي جي صاحبزادي علي اڪبر ڪميلي جي شهادت جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي شهر ۾ جاري ٽارگيٽ ڪلنگ جو تسلسل قرار ڏنو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پابندي وڌل فرقي پرست تنظيمن جا دهشت گرد ڪراچي ۾ فرقي واريت جي بنياد تي عالمن سڳورن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، واپارين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن شخصيتن کي چونڊي چونڊي نشانو بڻائي رهيا آهن، شهر جي اڪابرن کي رت ۾ وينجهاري رهيا آهن ۽ پنهنجين ڪاروائين جي ذريعي ڪراچي ۾ فرقي وارانه فساد جي باھ ڀڙڪائڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن پر افسوسناڪ ڳالھ اها آهي ته فرقي پرست پابندي وڌل تنظيمن جي انهن دهشت گردن جي خلاف ڪائي به ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي ۽اهي ڪراچي ۾ پوري آزادي سان مسلسل باھ ۽ رت جي رانڌ کيڏي رهيا آهن.انهن  فرمايو ته ڪجھ ڏينهن اڳ علامه طالب جوهري جي نياڻَي کي به انهن دهشت گردن ٽارگيٽ ڪري شهيد ڪيو هو ،جڏهن ته ڪجھ ڏينهن جي دوران فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگ جي اهڙي طرح جي ڪيترن ئي واقعن ۾ شهرين کي چونڊي چونڊي شهيد ڪيو ويو آهي.جناب الطاف حسين سوال ڪيو ته ڇا اهي فرقي پرست پابندي وڌل تنظيمون حڪومت يا رياست کان وڌيڪ طاقتور آهن جو انهن تي هٿ وڌو نه پيو وڃي؟ آخر ڪراچي جي معصوم شهرين کي ڪيستائين انهن دهشت گردن جي رحم و ڪرم تي چڏيو ويندو؟انهن مطالبو ڪيو ته علامه عباس ڪميلي جي صاحبزادي جي قاتلن ۽ فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ شهرين کي انهن دهشت گردن کان نجات ڏياري وڃي. جناب الطاف حسين علي اڪبر ڪميلي جي شهادت جي واقعي تي علامه عباس ڪميلي سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي فرمايو ته اهو واقعو هڪ وڏو سانحو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن ۽ حق پرست عوام انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي علي اڪبر ڪميلي شهيد کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ، پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي ۽ فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرڻ وارن دهشت گردن تي پنهنجو عذاب نازل ڪري.
 

7/18/2024 2:21:35 AM