Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پنجاب ۾ طوفاني برساتن ۽ سيلابي وهڪرن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن مان سنڌ حڪومت سبق حاصل ڪري.حق پرست سينيٽرَ.


 Posted on: 9/6/2014 1
پنجاب ۾ طوفاني برساتن ۽ سيلابي وهڪرن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن مان سنڌ حڪومت سبق حاصل ڪري.حق پرست سينيٽرَ.

ڪراچي؛ 6 سيپٽمبر؛2014
           حق پرست سينيٽرن چيو آهي ته پنجاب ۾ طوفاني برساتن ۽ سيلابي وهڪرن سان ٿيندڙ وڏي جاني ۽ مالي نقصانن مان سنڌ حڪومت سبق حاصل ڪري ۽ سنڌ ۾ ممڪنه طور تي ٿيندڙ برساتن کان نڀرڻ جي لاءِ فوري طور تي سنڌ ۾ رين ايمرجنسي نافذ ڪرڻ جو اعلان ڪري.پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته سنڌ ۾ ممڪنه طور تي ٿيندڙ طوفاني برساتن کان عوام جي حفاظت جي لاءِ ٺوس قدمَ کڻڻ سنڌ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي پر افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته برساتن کان بچڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ متحرڪ نه ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي ندي نالن ۾ صفائي ۽ بندن جي ڪنارن جي مرمت سميت ڪنهن قسم جا قدم نه پيا کنيا وڃن جنهن سان عوام ۾ وڏي ڳڻتي پاتي وڃي ٿي.انهن چيو ته سنڌ حڪومت جي طرفان مڪاني ادارن کي هن مهل تائين فنڊن کان محروم رکيو ويو آهي اها تمام صورتحال سنڌ ۾ وڏي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.انهن گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ فوري طور تي رين ايمرجنسي نافذ ڪئي وڃي ۽ مڪاني ادارن کي فنڊ فراهم ڪيا وڃن ۽ انهن جي مشينري کي به صحيح ڪرايو وڃي.


7/18/2024 2:34:01 AM