Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست مڪاني قيادت جي منصوبي کي پيپلز بس سروس جو نالو ڏيڻ سراسر ڌوکي بازي آهي. سنڌ اسيمبلي جا حق پرست ميمبر. 2008 ۾ سنڌ حڪومت ڪراچي جي مڪاني ادارن کي فنڊن جي فراهمي کي معطل ڪري گرين بس سروس جو منصوبو ختم ڪري چڏيو هو.


 Posted on: 9/6/2014 1
حق پرست مڪاني قيادت جي منصوبي کي پيپلز بس سروس جو نالو ڏيڻ سراسر ڌوکي بازي آهي. سنڌ اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
2008 ۾ سنڌ حڪومت ڪراچي جي مڪاني ادارن کي فنڊن جي فراهمي کي معطل ڪري گرين بس سروس جو منصوبو ختم ڪري چڏيو هو.
پيپلز پارٽي جي قيادت ڪراچي جي تعليم يافته ۽ باشعور ماڻهن  کي پنهنجن ڳوٺن جو هاري يا ڪڙمي نه سمجهي.
وزيراعلٰي سنڌ جي طرفان پيپلز بس سروس جي افتتاح تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جو تبصرو.
ڪراچي؛ 6 سيپٽمبر؛ 2014
            سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن چيو آهي ته حق پرست مڪاني قيادت جي طرفان شروع ڪيل گرين بس سروس کي پيپلز بس سروس جو نالو ڏيڻ پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي متعصبانه طرز عمل جو تسلسل آهي.پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته ڪراچي جي شهرين کي سفر جون سستي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ سابقه حق پرست قيادت جي دور ۾ گرين بس سروس شروع ڪئي وئي هئي.پر 2008 ۾ پي پي جي حڪومت ايم ڪيو ايم دشمني ۾ ڪراچي جي مڪاني ادارن کي فنڊن جيفراهمي معطل ڪري چڏي جنهن سان نه صرف ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبا رولڙي جو شڪارٿي ويا بلڪه گرين بس سروس جو منصوبو به ختم ڪرايو ويو.انهن چيو ته هاڻي حڪومت سنڌ جي طرفان حق پرست مڪاني قيادت جي ان منصوبي کي پيپلز بس سروس جو نالو ڏيئي ڪري ڪراچي جي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي پئي وڃي.ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت ۾ پي پي جي اتحادي آهي پر سنڌ حڪومت جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ترقياتي اسڪيمن تي ڌاڙي هڻڻ جي عمل سان واضع ٿي چڪو آهي ته پي پي اڄ به تعصب ۽ عصبيت جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ پنهنجن دوستن جي پٽي ۾ ڇرو هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن چيو ته پي پي جي قيادت ڪراچي جي باشعور عوام کي پنهنجن ڳوٺن جو هاري ۽ ڪڙمي نه سمجهي ۽ ڪراچي جي عوام کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ حق پرست قيادت جي ترقياتي منصوبن جو ڪريڊٽ پنهنجي سر وٺي ڪري عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ کان پاسو ڪري ڇو ته ان قسم جي هٿڪنڊن سان ڪراچي جي تعليم يافته ۽ باشعور عوام کي بي وقوف بڻائي نه ٿو سگهجي.


7/18/2024 2:19:39 AM