ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو خدمت خلق فائونڊيشن جي مرڪزي آفيس ۾ سخت برساتن ۽ سيلاب سان متاثر ٿيندڙ عوام جي لاءِ قائم امدادي ڪيمپ جو دورو.
ڪراچي؛ 6 سيپٽمبر؛ 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي خدمت خلق فائونڊيشن جي طرفان سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن سميت سڄي ملڪ ۾ سخت برساتن ۽ سيلاب متاثرين جي امدادي سرگرمين جو آغاز ڪيو ويو آهي.ان سلسلي ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن احمد سليم صديقي ۽ ميان عتيق فيڊرل بي ايريا ۾ واقع ڪي ڪي ايف جي مرڪزي ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ اتي موجود امدادي سامان جو معائنو ڪيو ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن کي جناب الطاف حسين جو پيغام پهچايو.ان موقعي تي ايم ڪيو ايم صوبائي تنظيمي ڪميٽي پنجاب جو انچارج ارشاد ظفير، ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جو انچارج فاروق جميل ۽ ٻيا به انهن سان گڏ هئا.