Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

يوم دفاع جي موقعي تي ٻئي جماعتون ڌرڻڻ کي فوري طور تي ملتوي ڪري چڏين.رابطا ڪميٽي جي اپيل.


 Posted on: 9/6/2014 1
يوم دفاع جي موقعي تي ٻئي جماعتون ڌرڻڻ کي فوري طور تي ملتوي ڪري چڏين.رابطا ڪميٽي جي اپيل.
پوري قوم پاڪ فوج جي شهيدن کي زبردست خراج تحسين ۽ ان جي جرت کي سلام تحسين پيش ڪري ٿي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛6 سيپٽمبر؛2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي يوم دفاع جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پوري قوم شهيدن کي زبردست خراج عقيدت ۽ پاڪ فوج جي سربراهن ۽ تمام بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي انهن جي جرت تي سلام تحسين پيش ڪري ٿي.انهن چيو ته هن وقت به پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان ملڪ جي بقا و سلامتي جي خاطر اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن جي خلاف ملڪ جي تاريخ جي اهم جنگ وڙهي رهيا آهن.جنهن ۾ پاڪ جا ڪيترائي آفيسر ۽ جوان شهيد ٿي چڪا آهن. جنهن تي قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺي آهي ۽ جام شهادت نوش ڪرڻ وارن جوانن کي سلام تحسين پيش ڪري ٿي.رابطا ڪميٽي چيو ته ملڪ هن وقت انتهائي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي ۽ اندرين ۽ ٻاهرين سازشن جو شڪار آهي جڏهن ته پاڪ فوج هن وقت ملڪ جي دفاع ۾ مصروف آهي.حالتن جو تقاضا آهي ته اسان کي پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ گهرجي ،رابطا ڪميٽي اسلام آباد ۾ ٻنهي جماعتن کي به اپيل ڪئي ته اهي پنهنجن ڌرڻڻ کي فوري طور تي ملتوي ڪري فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪن.
*

7/18/2024 2:34:01 AM