Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جي يو آئي جي سربراھ مولانا فضل الرحمٰن جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو. ملڪ ۾ جاري سياسي بحران ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ.


 Posted on: 9/6/2014 1
جي يو آئي جي سربراھ مولانا فضل الرحمٰن جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو. ملڪ ۾ جاري سياسي بحران ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ.
ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي اسٽعيفائن جي فيصلن تي نظر ثاني ڪريو ۽ انهن کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت جي به هدايت ڪريو.مولانا فضل الرحمٰن جي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي درخواست.
جناب الطاف حسين مولانا فضل الرحمٰن  جي درخواست کي منظور ڪندي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي اسٽعيفائن جي فيصلي کي موخر ڪري چڏيو.
لنڊن؛ 6 سيپٽمبر؛2014
           جميعت علماء اسلام جي سربراھ مولانا فضل الرحمٰن متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ انهن سان ملڪ جي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري سياسي بحران ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي.مولانا فضل الرحمٰن جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي درخواست ڪئي ته ايم ڪيو ايم هڪ وڏي عوامي جماعت آهي ۽ ملڪي سياست ۾ ان جو اهم ڪردار آهي ان جي ڪري اهي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جياسٽعيفٰائن تي نظر ثاني ڪن ۽ ملڪ جي سياسي تاريخ جي ان اهم موڙ تي پنهنجي موقف کي بيان ڪرڻ ۽ جمهوريت جي بقا جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي ارڪان پارليامينٽ کي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت جي هدايت به ڪن.جناب الطاف حسين مولانا فضل الرحمٰن جي درخواست کي منظور ڪندي ايم ڪيو ايم جي ارڪان پارليامينٽ جي اسٽعيفائن جي فيصلي کي موخر ڪري چڏيو ۽ انهن کي يقين ڏياريو ته ايم ڪيو ايم جا نمائندا پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ به شرڪت ڪندا.مولانا فضل الرحمٰن جناب الطاف حسين جي ان ڳالھ جي مڪمل تائيد ڪئي ته ملڪ ۾ طوفاني برساتن ۽ سيلاب سان ٿيندڙ تباھي ۽ نازڪ صورتحال کي سامهون رکندي ٻنهي سياسي جماعتن جي طرفان ڏنل احتجاجي ڌرڻا ملتوي ڪيا وڃن.ٻنهي رهنمائن ملڪ ۾ طوفاني برساتن ۽ سيلاب سان ٿيندڙ وڏي پيماني تي جاني و مالي نقصانن تي به وڏي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو ته هن وقت ملڪ جي تمام جماعتن کي پاڻ ۾ متحد ٿي ڪري قدرتي آفتن جي متاثرين ۽ آئي ڊي پيز جي ڀرپور مدد ڪرڻ گهرجي.
*

7/18/2024 2:34:01 AM