خيرپور فيض گنج جي ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻهن جي هلاڪت ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 24 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين خيرپور جي علائقي فيض گنج جي ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻهن جي هلاڪت ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحومن جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين ان حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ خصوصي دعا به ڪئي.