Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بلديه عظمٰي ڪراچي جي تحت هلڻ وارن اسپتالن، ڊسپينسرين ۽ ميٽرنٽي هومز ۾ مختلف سهولتن جي مد ۾ 300 سيڪڙو غيرقانوني اضافو واپس ورتو وڃي. ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي.


 Posted on: 8/24/2014
بلديه عظمٰي ڪراچي جي تحت هلڻ وارن اسپتالن، ڊسپينسرين ۽ ميٽرنٽي هومز ۾ مختلف سهولتن جي مد ۾ 300 سيڪڙو غيرقانوني اضافو واپس ورتو وڃي. ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي.
ڪراچي؛ 24 آگسٽ 2014
             متحده قومي موومينٽ جي ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي انچارج ۽ ميمبرن بلديه عظمٰي ڪراچي جي تحت هلندڙ اسپتالن، ڊسپينسرين ۽ ميٽرنٽي هومز ۾ مختلف سهولتن جي مد ۾300 سيڪڙو غيرقانوني اضافو ۽ وينٽيليٽر ڊائلائسز، سي ٽي اسڪين، ايم آر آئي، اينڪو بيٽرز، آپريشن ٿيٽر، بيڊ چارجز، ڊائيٽ چارجز ۽ ڊليوري چارجز ۾ بي پناھ اضافي جي آمرانه فيصلي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ڪراچي جا عوام پوري ملڪ کي 65 سيڪڙو کان وڌيڪ روينيو ڏين ٿا ان جي باوجود زندگي جي بنيادي سهولتن، صحت، تعليم ۽ ٻين فيسن جي مد ۾ تمام گهڻو اضافو ڪرڻ وڏو ظلم آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته گذريل چئن سالن کان ڪراچي جا اسپتال دوائن کان محروم آهن جڏهن ته موجوده ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي اسپتالن ۾ دوائن جي فراهمي کي ممڪن بڻائڻ جي بجاءِ انهن ادارن ۾ تالا هڻڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيو آهي، جنهن جو سنئون سڌو فائدو پرائيويٽ اسپتالن کي پهچائڻ مقصود آهي. انهن چيو ته ميڊيڪل ايڊ انهن اضافن کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪندي ۽ ان جي هر سطح تي مزاحمت ڪندي.انهن گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ وزير بلديات شرجيل ميمڻ کان مطالبو ڪيو ته اهي انهن اسپتالن جي فيسن ۾ اضافي جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ ذميوار آفيسرن کي انهن جي عهدن کان هٽائي ڪري اهل آفيسرن کي تعينات ڪيو وڃي.

7/18/2024 1:23:52 AM