Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بهاولپور جي ٽريفڪ حادثي ۾ ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


 Posted on: 8/23/2014
بهاولپور جي ٽريفڪ حادثي ۾ ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 23 آگسٽ 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين بهاولپور جي ٽريفڪ حادثي ۾ ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي صبر جي تلقين ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
****

7/18/2024 1:32:52 AM