Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سابق وزير اعظم مير ظفرالله جمالي جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.


 Posted on: 8/23/2014
سابق وزير اعظم مير ظفرالله جمالي جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ ملڪ ۾ جاري سياسي بحران ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ.
ملڪ ۾ جاري سياسي بحران جيترو جلد حل ٿي سگهي اوترو ئي ملڪ جي مفاد ۾ آهي، ملڪ ۾ ٽڪراءُ ۽ ڇڪٿاڻ جي ڪيفيت جلد کان جلد ختم ٿيڻ گهرجي.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ مير ظفر الله جمالي ۾ اتفاق.
لنڊن؛ 23 آگسٽ 2014
           پاڪستان جي سابق وزير اعظم مير ظفر الله جمالي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي.انهن جناب الطاف حسين جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ ملڪ ۾ جاري سياسي بحران ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.مير ظفر الله جمالي ملڪ ۾ جاري سياسي بحران جي خاتمي ۽ معاملي کي افهام و تفهيم سان حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب
الطاف حسين جي ڪوششن کي ساراهيو.مير ظفر الله جمالي جناب الطاف حسين کي چيو ته اوهان ملڪ جي هر ڏکئي وقت ۾ حڪومتن ۽ سياستدانن کي مخلصانه مشورا ڏنا آهن ۽ ملڪ ۾ جاري سياسي بحران جي خاتمي ۽ مسئلن کي افهام و تفهيم سان حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ اوهان جيڪي مخلصانه ڪوششون ڪري رهيا آهيو انهن کي هر پاڪستاني قدر جي نگاھ سان ڏسي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان پارٽي مفادن کان بالاتر ٿي ڪري صرف ۽ صرف پاڪستان جي مفاد ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهيان. منهنجي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته ملڪ مظبوط ۽ مستحڪم ٿئي.ملڪ ۾ امير ۽ غريب سڀني جي عزت هجي ۽ سڀني کي انهن جا حق ملن. ٻنهي رهنمائن ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو ته ملڪ ۾ جاري سياسي بحران جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي اوترو ئي ملڪ جي مفاد ۾ آهي ۽ ملڪ ۾ ٽڪراءُ ۽ ڇڪٿاڻ جي ڪيفيت جلد کان جلد ختم ٿيڻ گهرجي.
*

7/18/2024 1:32:30 AM