Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان کي غريب ۽ وچولي طبقي کان جنم وٺندڙ سچي ۽ مخلص قيادت جي ضرورت آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 8/23/2014
پاڪستان کي غريب ۽ وچولي طبقي کان جنم وٺندڙ سچي ۽ مخلص قيادت جي ضرورت آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي پر انهن قدرتي وسيلن مان غير ملڪي ڪمپنيون فائدو کڻڻ ٿيون.
اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم اپر پنجاب جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛23 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان کي غريب ۽ وچولي طبقي کان جنم وٺندڙ سچي ۽ مخلص قيادت جي ضرورت آهي ۽ مسئلن جا شڪار ماڻهو ئي ملڪ کي وسيلن جي ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن ٿا. انهن اها ڳالھ اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم اپر پنجاب جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ميان عتيق، امين الحق ۽ عبدالحسيب به موجود هئا.جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي پر بدقسمتي سان اسان جون حڪومتون تيل، گيس، سون ۽ ٻين معدنيات جا ذخيرا غير ملڪي ڪمپنين کي ٺيڪن تي ڏين ٿيون اهڙي طرح اسان جي قدرتي وسيلن مان غيرملڪي ڪمپنيون فائدو کڻڻ ٿيون ۽ ملڪ ان کان محروم ٿئي ٿو. انهن فرمايو ته اسان کي ملڪ جي تعمير و ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ۽ اهڙي پاليسيون ٺاهڻيون آهن جن سان ملڪ کي فائدو ٿئي. جناب الطاف حسين پنڊي زون جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چيو ته اهي تحريڪ جي پيغام کي ڦيلائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪن ته جيئن اسان ملڪ کي خوشحال ۽ مظبوط بڻائي سگهون ۽ محروم عوام کي انهن جا حق ڏياري سگهون. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي تحريڪ جي تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي صحت و سلامتي ۽ خوشحالي عطا ڪري ۽ تحريڪ کي ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلائي. آمين.
****

7/18/2024 1:24:02 AM