Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسلام آباد جي لکين شهرين کي وبائي مرضن کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدمَ کنيا وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 8/23/2014
اسلام آباد جي لکين شهرين کي وبائي مرضن کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدمَ کنيا وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڌرڻڻ جي شرڪاء جي ڪري اسلام آباد کي خطرناڪ وبائي مرضن جي خطري کان خالي قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي.
حڪومت ۽ احتجاجي ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن جا رهنما خدا جي واسطي صرف ڏيکاءُ ڪرڻ يا فوٽو ڪڍرائڻ جي لاءِ ڳالهيون نه ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 23 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جي گاڌي جي هنڌ اسلام آباد جي لکين شهرين کي وبائي مرضن کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي عملي ڪوششون ڪيون وڃن.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهرين جي لاءِ صحت و صفائي جي ناقص انتظامن ۽ وڌندڙ آلودگي جي ڪري وبائي مرض ڦٽڻ جي خطري تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف ، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، احتجاجي ڌرڻڻ جي جماعتن جي رهنمائن، دانشورن، صحافين، انساني حقن جي انجمنن ۽ وڪيلن سميت غور و فڪر ڪرڻ واري هر پاڪستاني کي مخاطب ڪندي فرمايو ته حڪومت ۽ احتجاج ڪرڻ وارن جي وچ ۾ بامقصد ۽ ڪامياب ڳالهيون نه ٿيڻ جي ڪري جتي ملڪ
بي شمار نقصانن جي بار هيٺان پورجندو پيو وڃي اتي اسلام آباد کي به وبائي مرض ڦٽڻ جي خطري کان خالي قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي. انهن فرمايو ته مقامي انتظاميه ڌرڻڻ ۾ موجود شرڪاء جي لاءِ صفائي سٿرائي جو مناسب انتظام نه ڪري سگهي آهي  ۽ احتياطي تدبيرن جي لاءِ لڳايل بي شمار ڪنٽينرن جي ڪري شهرين کي اچ وچ ۾ سخت مشڪل پيش اچي رهي آهي.ڌرڻن جي شرڪاء جي لاءِ صحت و صفائي ۽ ٽوائليٽس جا مناسب انتظام نه ٿيڻ سان اسلام آباد ۾ ماڻهن جي ڪاڪوس مان نڪرندڙ زهريلي گيسون ۽ ڌپ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي. ان جي ڪري حڪومت ۽ احتجاج ڪرڻ وارين جماعتن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي پاڻ ۾ ڳالھ ٻولھ جي ذريعي صفائي سٿرائي جي انتظامن کي به بهتر کان بهتر بڻائين. جناب الطاف حسين اسلام آباد جي رهاڪن کي پرزور اپيل ڪئي ته اهي صحت قائم رکڻ جي اصولن جي تحت پاڻي اٻاري ڪري استعمال ڪن، پنهنجي مدد پاڻ جي تحت پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ صفائي جا انتظام ڪن ۽ گهرن کان نڪرندي وقت ڪاٽن ماسڪ جو استعمال لازمي ڪن.انهن حڪومت کي به اپيل ڪئي ته اها اسلام آباد ۾ زهريلي گيسن جي اخراج ۽ ڌپ ڦيلجڻ جي ڪري وبائي مرضن کان بچاءُ جي لاءِ صحت و صفائي جي انتظامن کي ايس او ايس جي بنياد تي تيز کان تيز ڪري چڏي.شهرين جي صحت ۽ زندگي جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري ۽ صحت و صفائي جا مناسب انتظام ڪري خدا جي واسطي اسلام آباد جي لکين رهاڪن جي جانين کي محفوظ بڻائي.جناب الطاف حسين حڪومت ۽ احتجاجي ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن جي رهنمائن تي زور ڏنو ته اهي خدا جي واسطي صرف ڏيکاءُ يا فوٽو ڪڍرائڻ جي لاءِ ڳالهيون نه ڪن بلڪه ڳالهين کي بامقصد بڻائڻ جي لاءِ مذاڪراتي ٽيم جاميمبر پاڻ کي وقت جي قيد کان آزاد ڪري ان وقت تائين ڳالهين جي لاءِ ويٺا رهن جيستائين اهي ڪنهن مثبت نتيجي تي نه پهچي وڃن.
*

7/18/2024 1:25:01 AM