Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سابق صدر آصف علي زرداري جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.


 Posted on: 8/22/2014
سابق صدر آصف علي زرداري جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
ملڪ ۾ جاري سياسي بحران، مجموعي سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالھ ٻولھ.
سابق وفاقي وزير داخله رحمٰن ملڪ به جناب الطاف حسين سان ملڪ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي.
لنڊن؛ 22 آگسٽ 2014
             سابق صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪوچيئرمين آصف علي زرداري جمعي جي ڏينهن ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو.ٻنهي رهنمائن هڪ ٻئي جي خيريت دريافت ڪئي ۽ هڪ ٻئي جي صحت و عافيت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. ٻنهي رهنمائن ملڪ ۾ جاري سياسي بحران، ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي به ڳالھ ٻولھ ڪئي. ٻنهي رهنمائن ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو ته سياسي بحران جي خاتمي جي لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي کي ڳالھ ٻولھ جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي عمل کان پاسو ڪرڻ گهرجي جنهن سان ملڪ ۾ افراتفري ۽ انتشارپيدا ٿئي.آصف علي زرداري افهام و تفهيم سان مسئلن جي حل جي لاءِ جناب الطاف حسين جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ انهن کي ڇنڇر جي ڏينهن وزير اعظم ميان محمد نواز شريف سان پنهنجي متوقع ملاقات کان به آگاھ ڪيو.جنهن تي جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي ملڪ کي سياسي بحران کان ڪڍڻ جي لاءِ نيڪ ڪاوشن ۾ اوهان کي ڪاميابي عطا فرمائي.ان کان علاوه گذريل رات سينيٽر رحمٰن ملڪ به جناب الطاف حسين سان ملڪ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي.
*****


7/18/2024 1:22:20 AM