Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حڪومت کي معاملي جي حل جي لاءِ سخت رويو اختيار ڪرڻ جي بجاءِ ٻه قدم اڳتي وڌي ڪري مصالحانه رويو اختيار ڪرڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 8/22/2014
حڪومت کي معاملي جي حل جي لاءِ سخت رويو اختيار ڪرڻ جي بجاءِ ٻه قدم اڳتي وڌي ڪري مصالحانه رويو اختيار ڪرڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اوهان بااختيار آهيو، اوهان ئي مظاهرين جي مطالبن تي فوري  توجه ڏيئي ڪري ۽ ان تي غور ڪري ان جو حل ڪڍي سگهو ٿا.حڪمرانن کي جناب الطاف حسين جي اپيل.
لنڊن؛ 22 آگسٽ 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڳالهين جي تعطل تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اوهان بااختيار آهيو ۽ اوهان ئي مظاهرين جي مطالبن تي فوري توجه ڏيئي ڪري ۽ ان تي غور ڪري انهن جو حل ڪڍي سگهو ٿا.ان جي ڪري منهنجي حڪومت کي پرزور اپيل آهي ته اها ملڪ جي امن ۽ جمهوريت جي خاطر معاملن کي بغير ڪنهن ٽڪراءُ جي حل ڪرڻ جي لاءِ اڳرائي ڪري ۽ ٻه قدم پوئتي به هٽڻو پوي ته ان ۾ ڪنهن به قسم جو عار محسوس نه ڪرڻ گهرجي.جناب الطاف حسين حڪومت کي چيو ته اها وڏي پڻ جو مظاهرو ڪري ۽ ڪوئي به وقت ضائع ڪرڻ کان سواءِ ڳالهين جو سلسلو ٻيهر شروع ڪري ، خدا جي واسطي ڪنهن نه ڪنهن طرح ڳالهين کي بامقصد ۽ نتيجه خيز بڻايو وڃي.جناب الطاف حسين تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهن ۽ تمام رهنمائن کي به اپيل ڪئي ته اهي به ملڪ جي نازڪ صورتحال کي سامهون رکن ۽ اهو نه وسارين ته هڪ طرف پاڪستان جي فوج اتر وزيرستان ۾ پاڪستان جي تاريخ جي مشڪل ترين جنگ وڙهي رهي آهي ۽ ٻئي طرف ڀارت پاڪستان جي اندرين صورتحال کي ڏسندي پنهنجي فوج کي سرحدن تي جمع ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪيترن ئي جڳهن تي حملا به شروع ڪري چڏيا آهن جن کي پاڪستان جي فوج ، رينجر ۽ ٻين سلامتي جي ادارن جا جوان مقابلو ڪري ناڪام بڻائي رهيا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته منهنجي هڪ ڀيرو ٻيهر دردمندانه اپيل آهي ته تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ به ڪشاده دلي جو مظاهرو ڪن ۽ ان سان گڏو گڏ حڪومت کي به سخت رويو اختيار ڪرڻ جي بجاءِ ٻه قدم اڳتي وڌي ڪري مصالحانه رويو اختيار ڪرڻ گهرجي انهي ۾ ملڪ جي بهتري ۽ ڀلائي آهي.
  

7/18/2024 1:31:36 AM