قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ وفاقي وزيرن ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر رشيد گوڏيل جي عيادت ڪئي.
اسلام آباد؛ 21 آگسٽ 2014
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سميت وفاقي وزيرن قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر رشيد گوڏيل جي عيادت ڪئي. عيادت ڪندڙن ۾ وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، وزير مملڪت عابد شير علي ۽ ٻين پنهنجي جماعت جي طرفان انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام به پهچايو ۽ انهن جي لاءِ صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي.