ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن اسلام آباد جي مقامي اسپتال ۾ وڃي ڪري رابطا ڪميٽي ميمبر رشيد گوڏيل جي عيادت ڪئي.
اسلام آباد؛ 21 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جناب الطاف حسين جي هدايت تي اسلام آباد جي هڪ مقامي اسپتال ۾ وڃي ڪري رابطا ڪميٽي ميمبر ۽ قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر رشيد گوڏيل جي عيادت ڪئي ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان گلدستو به پيش ڪيو. عيادت ڪرڻ وارن ۾ حيدرعباس رضوي، سيد امين الحق، عبدالحسيب، ميان عتيق، اسلم آفريدي ۽ ٻيا به شامل هئا. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي رشيد گوڏيل کي جناب الطاف حسين جي طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام به پهچايو.