Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آمريڪا ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪنوينشن“الطاف حسين دي رائيٽ مين” ظلم، ڏاڍ، غربت ۽ ناانصافي جي شڪار ماڻهن جي لاءِ دعوت فڪر ڏيڻ جي لاءِ آهي. ايم ڪيو ايم آمريڪا.


 Posted on: 8/21/2014
آمريڪا ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪنوينشن“الطاف حسين دي رائيٽ مين” ظلم، ڏاڍ، غربت ۽ ناانصافي جي شڪار ماڻهن جي لاءِ دعوت فڪر ڏيڻ جي لاءِ آهي. ايم ڪيو ايم آمريڪا.
شڪاگو؛ 21 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ آمريڪا جي ارڙهين سالانه ڪنوينشن جون تياريون حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن ۽ ان سان گڏو گڏ ڪنوينشن ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪا جي مخلتف رياستن جي شهرن کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي.اهو ڪنوينشن 22 آگسٽ کان 24 آگسٽ تائين واشنگٽن( ڊي سي) ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي.جنهن ۾ پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال، پاڪستان کي پيش ايندڙ خطرن، مسئلن ۽ انهن جو حل ۽ تنظيمي معاملن ۽ تنظيمي امتحانن تي مختلف سيشنز جو انعقاد ڪيو ويندو. ڪنوينشن جي ٻئي ڏينهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين به خطاب فرمائيندا.ان ڪنوينشن جي تيارين کي آخري شڪل ڏيڻ جي لاءِ اجلاس منعقد ٿيو جنهن سان ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر جنيد فهمي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جو اهو ڪنوينشن ظلم، ڏاڍ، غربت ۽ ناانصافي جي شڪار عوام کي دعوت فڪر ڏيڻ جي لاءِ آهي انهن چيو ته جيڪڏهن ماڻهو پاڪستان کي لاحق انهن مرضن جو علاج چاهين ٿا ته انهن کي سڀني کان پهرين صحيح مسيحا جي چونڊ ڪرڻي پوندي.انهن چيو ته اها پاڪستان جي خوش قسمتي آهي ته جناب الطاف حسين جي شڪل ۾ کرو، سچو ۽ بي خوف رائيٽ مين ان کي ميسر آهي جيڪو پنهنجي تدبير سان پاڪستانين جي تقدير کي بدلي سگهي ٿو. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اسان به هڪ رائيٽ پاڪستاني جي حيثيت سان پنهنجو رائيٽ فيصلو ڪري جناب الطاف حسين“ دي رائيٽ مين ” جي مڪمل ۽ غير مشروط حمايت ڪري پاڪستان کي تباهي کان بچايون.


7/18/2024 1:29:06 AM