Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ جي تازه تبديل ٿيندڙ ۽ ڏڦيڙ ڏانهن ويندڙ سياسي صورتحال تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


 Posted on: 8/21/2014
ملڪ جي تازه تبديل ٿيندڙ ۽ ڏڦيڙ ڏانهن ويندڙ سياسي صورتحال تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
تحريڪ انصاف، پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ انهن جي حليف جماعتن جا سربراھ ۽ ساٿي صبر کان ڪم وٺن، حڪومت ۽ ٻيون اختيار رکندڙ ڌريون به تحمل جو مظاهرو ڪن.
حڪومت ڌرڻا ڏيڻ وارن جي خلاف ڌمڪي ڏيڻ وارو رويو يا طاقت جي استعمال کان هر ممڪن پاسو ڪري. جناب الطاف حسين جي دردمندانه اپيل.
لنڊن؛ 21 آگسٽ 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اڄ جي تازه تبديل ٿيندڙ ۽ ڏڦيڙ ڏانهن ويندڙ سياسي صورتحال تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت، تحريڪ انصاف، پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ انهن جي حليف جماعتن جي سربراهن ۽ ساٿين کي هڪ ڀيرو ٻيهر پرزور اپيل ڪئي آهي ته اهي صبر کان ڪم وٺن ۽ حڪومت ۽ ٻيون اختيار رکندڙ ڌريون به صبر و تحمل جو مظاهرو ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين تحريڪ انصاف، پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ انهن جي حليف جماعتن جي سربراهن ۽ ٻين رهنمائن کي به پرزور اپيل ڪئي آهي ته اهي به پنهنجن احتجاجن کي پرامن رکن، چڙ ڏياريندڙ ۽ توهين ڪندڙ جملا استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ پنهنجين تقريرن ۾ نرمي اختيار ڪن. انهن فرمايو ته جمهوريت ۾ اختلاف رکڻ جو حق سڀني کي حاصل آهي پر اختلافن کي دشمني ۾ هرگز به تبديل نهڪرڻ گهرجي ۽ هميشه خيال رکڻ گهرجي ته ملڪ صرف حڪمرانن يا حڪمران جماعت جو نه آهي بلڪه ان سان گڏو گڏ اپوزيشن جماعتن، ڌرڻا ڏيڻ وارن ۽ ڌرڻڻ جي مخالفت ڪرڻ وارن سڀني جو آهي ۽ ملڪ جي بقا و سلامتي ۽ استحڪام جي ذميواري به سڀني تي لاڳو ٿئي ٿي. جناب الطاف حسين حڪومت کي دردمندانه اپيل ڪئي ته اها به ڌرڻا ڏيڻ وارن جي خلاف ڌمڪي ڏيڻ وارو رويو يا طاقت جي استعمال کان هر ممڪن پاسو ڪري ۽ معاملن کي افهام و تفهيم سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين جو جيڪو عمل شروع ڪيو هو ان کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي ۽ ڪجھ ڏيڻ ۽ ڪجھ وٺڻ جي پاليسي تي عمل ڪندي اهڙو حل ڪڍيو وڃي جتي ڪنهن جي به عزت مجروح نه ٿئي.جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ جي ان صورتحال جو رياستي ادارن سميت تمام مڪاتب فڪر جا ماڻهو گهري نظر سان جائزو وٺي رهيا آهن ان جي ڪري حڪومت ۽ ڌرڻا ڏيڻ وارن کي به اهو چوڻ چاهيان ٿو ته بهتر آهي ته اهي پاڻ ۾ ڳالھ ٻولھ جي ذريعي جلد کان جلد ڪوئي قابل قبول حل ڳولي وٺن ڪٿي ائين نه ٿئي جو رياست ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ مداخلت ڪرڻ تي مجبو ٿي وڃي.


7/18/2024 2:38:20 AM