Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪي صورتحال کي سامهون رکندي تمام سياسي جماعتون ۽ ڌريون ، عقلمندي ۽ افهام و تفهيم جو رستو اختيار ڪن.ايم ڪيو ايم رابطاڪميٽي.


 Posted on: 8/20/2014
ملڪي صورتحال کي سامهون رکندي تمام سياسي جماعتون ۽ ڌريون ، عقلمندي ۽ افهام و تفهيم جو رستو اختيار ڪن.ايم ڪيو ايم رابطاڪميٽي.
موجوده حالتن نه صرف جمهوريت بلڪه ملڪي معيشت، ترقي ۽ استحڪام کي به سخت خطرن کان دوچار ڪري چڏيو آهي.
ملڪ جي موجوده صورتحال جي حوالي سان رابطا ڪميٽي جو هنگامي اجلاس.
ڪراچي؛ 20 آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ هنگامي اجلاس ۾ ملڪي صورتحال تي ڳڻتي واري قرار ڏيندي تمام سياسي جماعتن ۽ ڌرين کي بردباري، عقلمندي ۽ افهام و تفهيم جو رستو اختيار ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ته هن وقت ملڪ انتهائي نازڪ صورتحال کان گذري رهيو آهي ۽ موجوده حالتون نه صرف جمهوريت بلڪه ملڪي معيشت، ترقي ۽ استحڪام کي به سخت خطرن کان دوچار ڪري چڏيوآهي ۽ ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته تمام سياسي جماعتون ۽ انهن جا قائدين خانداني،مسلڪي يا نظرياتي مفادن جي بجاءِ ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ هڪ ٻئي جي ڳالھ ٻڌن ۽ گنجائش پيدا ڪن ۽ انا پرستي ۽ مفاد پرستي جو مظاهرو نه ڪيو ويو وڃي.رابطا ڪيمٽي چيو ته جمهوريت جا صرف نعرا لڳائڻ سان جمهوريت مظبوط نه ٿي سگهندي بلڪه عملي قدم کڻڻ ۽ جمهوريت جا فائدا عام پاڪستانين تائين پهچائڻ سان ئي جمهوريت مظبوط ٿيندي.ملڪ ۾ فوري طور تي ڍانچي جي تبديلي، بامقصد لينڊ ريفارمز، خانداني ۽ موروثي سياست جي خاتمي ۽ اليڪشن ريفارمز تي سياسي جماعتن جي مشاورت سان آئين ۾ ترميمون ڪيون وڃن، ملڪ ۾ وڌيڪ انتظامي يونٽن جي قيام سان گڏو گڏ مڪاني حڪومت جي قيام کي ناگزير بڻايو وڃي ۽ آئين ۾ ان حوالي سان ضروري ترميمون ڪيون وڃن ۽ وڌ کان وڌ اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.رابطا ڪميٽي چيو ته ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته ملڪ کان سڙيل ۽ فرسوده نظام جو خاتمو ڪري ان کي حڪمران دوست بڻائڻ جي بجاءِ عوام دوست ۽ پاڪستان دوست نظام بڻايو وڃي.رابطا ڪميٽي چيو ته حڪومت جي تبديلي جي لاءِ اهڙي روايت نه وڌي وڃي جو پوءِ ڪنهن جي به حڪومت جو هلڻ ناممڪن ٿي وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته موجوده بحران کي هڪ موقعو سمجهندي قوم کي 67 سالن جي غربت، جهالت، دهشت گردي ۽ ظلم ۽ ناانصافي کان ڪڍڻ ۽ پاڪستان کي قائد اعظم محمد علي جناح جي ويزن جي مطابق هلائڻ جي لاءِ فوري طور تي قدمَ کنيا وڃن.


7/18/2024 2:28:22 AM