Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حڪومت جي مذاڪراتي ٽيم ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنمائن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو خير مقدم ڪريون ٿا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 8/20/2014
حڪومت جي مذاڪراتي ٽيم ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنمائن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو خير مقدم ڪريون ٿا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
حڪومت جي طرفان ڳالهين جي پيشڪش کي کليل دل سان قبول ڪرڻ تي ڊاڪٽر طاهر القادري جو شڪريو ادا ڪريون ٿا.
الله تعالٰي پاڪستان کي ٽڪراءُ ۽ انتشار کان بچائي ۽ ملڪ ۾ استحڪام پيدا ڪري.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 20 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حڪومت جي مذاڪراتي ٽيم ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنمائن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو نه صرف خير مقدم ڪيو آهي بلڪه ان ڳالھ ٻولھ جي آغاز کي ملڪ جي لاءِ سٺو سنوڻ به قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ ممتاز اسڪالر ڊاڪٽر طاهر القادري جو به شڪريو ادا ڪيو جن وڏي دل جو مظاهرو ڪندي حڪومت جي طرفان ڳالهين جي پيشڪش کي قبول ڪيو. ان سان گڏو گڏ انهن وزير اعظم  ميان نواز شريف ۽ انهن جي ساٿين جو به شڪريو ادا ڪيو جيڪي معاملي کي ٽڪراءُ جي بجاءِ ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ جن حڪومت ۾ رهندي وڏي پڻ جو مظاهرو ڪيو ۽ ڳالهين جي طرف قدمَ وڌايا.جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي پاڪستان کي ٽڪراءُ ۽ انتشار کان بچائي ۽ ملڪ ۾ استحڪام پيدا ڪري. ان سان گڏو گڏ انهن اها به دعا ڪئي ته پاڪ فوج دهشت گردن جي خلاف تاريخ جي سڀني کان وڏي ۽ مشڪل جنگ وڙهي آهي الله تعالٰي ان جنگ ۾ پاڪ فوج کي فتح نصيب فرمائي.آمين.
****

7/18/2024 2:22:46 AM