Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت کان علالت جي ڪري عارضي طور تي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر جون ذميواريون واپس ورتيون ويون آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


 Posted on: 8/20/2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت کان علالت جي ڪري عارضي طور تي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر جون ذميواريون واپس ورتيون ويون آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
نديم نصرت ڪيترن ئي ڏينهن کان سخت تڪليف ۾ مبتلا هئا ۽ مسلسل ڪم ڪرڻ جي ڪري انهن جو مرض شدت اختيار ڪندو پيو وڃي.
نديم نصرت طبيعت خراب هجڻ جي ڪري رابطا ڪميٽي کي موڪل جي درخواست ڏني هئي.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪري چڏي.
لنڊن؛ 20 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي انهن اطلاعن کان پوءِ ته ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي بيماري ۾ شدت اچي وئي آهي ۽ اهي ڪيترن ئي ڏينهن کان سخت تڪليف ۾ آهن ۽ موجوده حالتن ۾ مسلسل ڪم ڪرڻ جي ڪري انهن کي آرام ڪرڻ جو موقعو بلڪل نه ملي رهيو هو، جنهن جي ڪري انهن جو مرض شدت اختيار ڪندو پيو وڃي. نديم نصرت طبيعت جي خرابي جي ڪري رابطا ڪميٽي کي موڪل جي درخواست ڏني هئي. رابطا ڪميٽي انهن تمام تر حالتن کي سامهون رکندي اهو فيصلو ڪيو ته نديم نصرت کي مڪمل طور تي آرام ڪرڻ ۽ علاج ڪرائڻ جي ضرورت آهي ان جي ڪري رابطا ڪميٽي علاج تي توجه ڏيڻ جي غرض سان ۽ مڪمل صحت يابي تائين نديم نصرت جي موڪل جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي ۽ انهن کان سينيئر ڊپٽي ڪنوينر جون ذميواريون عارضي طور تي واپس ورتيون ويون آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪري چڏي آهي ۽ عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي نديم نصرت جي صحتيابي جي لاءِ دعائون ڪن.
****

7/18/2024 2:31:38 AM