Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

صوبائي وزارت تعليم سنڌ جي طرفان مرڪزي داخلا پاليسي واضع نه ڪرڻ ۽ شاگردن کي داخلا فارم نه ملڻ تي سنڌ اسيملي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان مذمت جو اظهار.


صوبائي وزارت تعليم سنڌ جي طرفان مرڪزي داخلا پاليسي واضع نه ڪرڻ ۽ شاگردن کي داخلا فارم نه ملڻ تي سنڌ اسيملي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 8/19/2014
صوبائي وزارت تعليم سنڌ جي طرفان مرڪزي داخلا پاليسي واضع نه ڪرڻ ۽ شاگردن کي داخلا فارم نه ملڻ تي سنڌ اسيملي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان مذمت جو اظهار.
وزارت تعليم سنڌ کي تجربي گاھ نه بڻائي ۽ سابقه پاليسي برقرار رکي. حق پرست ميمبرَ.
ڪراچي؛ 19 آگسٽ 2014
            سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن وزارت تعليم سنڌ جي طرفان ڪاليجن ۾ داخلا جي لاءِ مرڪزي داخلا پاليسي واضع نه ڪرڻ ۽ شاگردن کي داخلا جا فارم نه ملڻ تي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي صوبائي وزارت تعليم سنڌ جي غفلت قرار ڏنو آهي.پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته پهرين اگسٽ کان داخلائن جي شروعات ٿي چڪي آهي پر شاگردن کي فارمن جي لاءِ ٺوڪرون کائڻيون پئجي رهيون آهن، انهن چيو ته وزير تعليم نثار کوڙي سان حق پرست ميمبرن ملاقات ڪري داخلا پاليسي واضع ڪرڻ ۽ داخلا فارم شاگردن کي نه ملڻ جي ڪري شاگردن ۾ پائي ويندڙ ڳڻتي کان آگاھ ڪيو هو پر ان جي باوجود وزارت تعليم سنڌ تي ان جو ڪوئي به اثر نه پئجي رهيو آهي.حق پرست ميمبرن گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته وزارت تعليم جي طرفان مرڪزي داخلا پاليسي واضع نه ٿيڻ ۽ شاگردن کي داخلا فارم جي حصول جي لاءِ سخت مشڪلاتن ۽ پريشانين جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ سابقه داخلا پاليسي بحال ڪئي وڃي ته جيئن ميرٽ کي برقرار رکي سگهجي.
****

7/18/2024 2:17:36 AM