Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيٽر رحمٰن ملڪ جي سربراهي ۾ پيپلز پارٽي مصالحتي ڪميٽي جي ميمبرن تي مشتمل وفد جي نائن زيرو آمد،ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي سان ملاقات.


 سينيٽر رحمٰن ملڪ جي سربراهي ۾ پيپلز پارٽي مصالحتي ڪميٽي جي ميمبرن تي مشتمل وفد جي نائن زيرو آمد،ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي سان ملاقات.
 Posted on: 8/18/2014
 سينيٽر رحمٰن ملڪ جي سربراهي ۾ پيپلز پارٽي مصالحتي ڪميٽي جي ميمبرن تي مشتمل وفد جي نائن زيرو آمد،ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي سان ملاقات.
ملاقات ۾ ملڪ  جي موجوده سياسي صورتحال، اسلام آباد ۾ جاري ڌرڻن ۽ عوام جي بنيادي مسئلن جي متعلق پاڻ ۾ خيالن جي ڏي وٽ ڪئي.
ڪراچي؛ 18 آگسٽ 2014
            پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي  طرفان پيپلز پارٽي جي مصالحتي ڪميٽي جي ميمبرن سينيٽر رحمٰن ملڪ ،سينيٽر مولابخش چانڊيو، شرجيل انعام ميمڻ، صابر علي بلوچ ۽ خانزاده خان تي مشتمل وفد ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، سينيٽر نسرين جليل، ڪنور نويد جميل، خالد سلطان ۽ عارف ايڊووڪيٽ سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، اسلام آباد ۾ عمران خان ۽ طاهر القادري جي ڌرڻن جي متعلق خيالن جي ڏي وٽ ڪئي. ملاقات جي آغاز ۾ سانحه ماڊل ٽائون لاهور سميت دهشت گردي جي مختلف واقعن ۽ آپريشن ضرب عضب ۾ شهيد ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي درجات جي بلندي جي لاءِ دعائون به ڪيون ويون. ان موقعي تي رئوف صديقي، فيصل سبزواري، سيد سردار احمد ۽ خواجه اظهار الحسن به موجود هئا.
       ان کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي رحمٰن ملڪ چيو ته پي پي ۽ ايم ڪيو ايم سميت تمام پارٽيون ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل چاهين ٿيون، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ آصف علي زرداري ڊگهي نظر رکندڙ قيادت آهن، جناب الطاف حسين ملڪ کي پيش ايندڙ خطرن کان پهرين ئي ڄاڻي وٺي انهن جو حل ٻڌائي چڏين ٿا، سياست ۾ گروھ بندي ختم ٿيڻ گهرجي.انهن چيو ته جڏهن به ملڪ تي
2
برو وقت اچي ٿو ته  ايم ڪيو ايم ۽ پي پي گڏ بيٺيون هونديون آهن ۽ اڄ اسان جو هتي اچڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته جمهوريت مظبوط کان مظبوط تر ٿئي.انهن چيو ته سياسي مسئلي جي ڪري قوم جي توجه ضرب عضب کان هٽي وئي آهي، انهن وڌيڪ چيو ته طاهر القادري ۽ عمران خان جي مطالبن تي حڪومت جو ڪوئي واضع موقف سامهون نه آيو آهي ، انهن ٻنهي ڌرين کي درخواست ڪئي ته اهي ملڪ جي بقا ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ ٻئي سان تعاون ڪن ۽ مسئلي جو سياسي حل ڪڍن ڇو ته ڳالهين کان سواءِ ڪنهن به مسئلي جو حل ممڪن نه آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي پي پي جي وفد کي نائن زيرو آمد تي خوش آمديد چوندي چيو ته اسان جي خواهش آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت کي لاحق خطرن جو خاتمو ٿئي ۽ جمهوريت جو تسلسل قائم رهي. انهن چيو ته جمهوريت ان سطح جي هجڻ گهرجي جو جنهن جو عام پاڪستاني کي به فائدو ٿئي ۽ انهي شي کي نظر ۾ رکندي ملڪ ۾ موجوده سياسي بحران جي خاتمي ۽ جمهوريت جي فروغ جي لاءِ بغير ڪنهن جي چوڻ تي اسان پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون ۽ جيڪڏهن حڪومت يا ٻئي ڌر اسان کي تعاون جي درخواست ڪئي ته اسان پنهنجو ڪردار وڌيڪ موثر انداز ۾ ادا ڪري سگهون ٿا. انهن چيو ته ڏک جي ڳالھ اها آهي ته جمهوريت جي دعويدار جماعتن مڪاني اليڪشن نه ڪرايا. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين حڪومت ۽ احتجاج ڪندڙ جماعتن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي هڪ ٻئي جي مجبورين کي سمجهن ۽ ٽڪراءُ کان هر ممڪن پاسو ڪن.انهن حڪمرانن کي چيو ته ٻنهي ڌرين جا جيڪي مطالبا آئين و قانون جي مطابق آهن انهن کي پورو ڪيو وڃي ته جيئن احتجاج ۾ ٽڪراءُ جو عنصر نه اچي سگهي ڇو ته ملڪ جي فوج ان وقت پاڪستان جي بقا و سلامتي جي جنگ ۾ مصروف آهي اهڙو ڪوئي به قدم نه کنيو وڃي جنهن سان فوج جي توجه مرڪزي مسئلي کان هٽي ۽ ملڪ کي ڪنهن وڏي نقصان جو سامنو ڪرڻو پوي. انهن ٻنهي ڌرين کي اپيل ڪئي ته خدا جي واسطي جمهوريت ۽ پاڪستان کي هلڻ ڏنو وڃي.
*

7/18/2024 2:24:56 AM