Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عمران خان جي طرفان سول نافرماني جي تحريڪ جو اعلان قوم سان وڏو مذاق آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


عمران خان جي طرفان سول نافرماني جي تحريڪ جو اعلان قوم سان وڏو مذاق آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 8/18/2014
عمران خان جي طرفان سول نافرماني جي تحريڪ جو اعلان قوم سان وڏو مذاق آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن عمران خان کي اهو ئي ڪجھ ڪرڻو هو ته اهي ايترن  ڏينهن کان قوم جو وقت، توانائي ۽ پيسو خرچ ڪرڻ جي بجاءِ پهرين ئي اهو اعلان ڪري چڏين ها.
مان ميان نواز شريف جو حمايتي نه آهيان، پاڪستان جي امن جي خاطر وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ عمران خان کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي مسئلن جي حل جي لاءِ سول نافرماني جي بجاءِ ڳالھ ٻولھ جو آغاز ڪن.
نائن زيرو، حيدرآباد، لاهور، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ رابطا ڪميٽي ،پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ تنظيمي عهديدارن سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 18 آگسٽ 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته عمران خان جي طرفان سول نافرماني جي تحريڪ جو اعلان قوم سان وڏو مذاق آهي.جيڪڏهن انهن کي اهو ئي ڪجھ ڪرڻو هو ته اهي ايترن ڏينهن کان قوم جو وقت، توانائي ۽ پيسو خرچ ڪرڻ جي بجاءِ پهرين ئي ان جو اعلان ڪري چڏين ها.انهن اها ڳالھ اڄ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي، تنظيمي شعبن ۽ ونگز سان گڏو گڏ لاهور، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.انهن فرمايو ته سول نافرماني جي تحريڪ گڏَي گڏِي جي رانڌ نه آهي بلڪه ملڪ جي نظام جي مستقبل جو معاملو آهي، ملڪ جي معيشت ويهجي چڪي آهي، انهن فرمايو ته تحريڪ انصاف حڪومت جي غلط پاليسن جي خلاف گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان آزادي مارچ جي نالي تي جلسا ڪري رهي آهي. پنجاب جي مختلف شهرن ۾ عوام کي خاطريون ڪرايون ويون ۽ وڏا وڏا دل خوش ڪندڙ نعرا هڻي ڪري اسلام آباد آندو ويو ۽ چيو ويو ته جيستائين مقصد حاصل نه ٿيندو ان وقت تائين اسان ڌرڻي کان نه اٿنداسين، ان دوران زندگي جو ڪاروبار متاثر ٿيو، اسٽاڪ مارڪيٽ ڪري پئي ۽ سيڪيورٽي جي انتظامن تي به وڏو خرچو اچي رهيو آهي، اهو پيسو وزير اعظم ميان نواز شريف جي کيسي مان نه ،بلڪه ملڪ جي خزاني مان ئي ويندو. جيڪڏهن ايترو ڪجھ ٿيڻ کان پوءِ عمران خان کي اهو ئي ڪجھ ڪرڻو هو ته اهي پهرين ئي ڪري چڏين ها. انهن فرمايو ته عمران خان عوام کي پاڻي، بجلي، گيس جو بل ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.جڏهن ته ماڻهو بجلي جو بل هونهن ئي نه ٿا ڏين ۽ ڪُنڊا هڻي ڪري بجلي حاصل ڪن ٿا، اهڙي طرح ٽيڪس جي چوري به ٿئي ٿي، ان جي ڪري سول نافرماني جو اعلان ڪري عمران خان حڪومت جو ڪهڙو نقصان ڪري رهيا آهن،جيڪڏهن عمران خان ۾ جرت ۽ همت آهي ته اهي قوم سان اهو مذاق ڪرڻ جي بجاءِ ڪوئي جرت منداڻه قدم کڻڻ ها. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ميان نواز شريف جي حڪومت جو حمايتي نه آهيان، نواز شريف جي حڪومت ماضي ۾ ايم ڪيو ايم سان برو سلوڪ ڪيو هو پر مان بدلي وٺڻ جو قائل نه آهيان، مون کي پاڪستان جي عوام جي ڀلائي گهرجي.عوام پهرين ئي پريشان آهن، مان سمجهان ٿو ته عمران خان عوام سان مذاق ڪري رهيا آهن. انهن فرمايو ته مان پاڪستان جي امن جي خاطر وزير اعظم ۽ عمران خان کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي مسئلن جي حل جي لاءِ سول نافرماني جي بجاءِ ڳالھ ٻولھ جو آغاز ڪن ۽ پنهنجا مطالبا دليلن سان مڃرائين، جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن ڪوئي خوش خيالي ۾ اهو سوچي ته مان ٽارزن آهيان ، ٽائي سن يا محمد علي ڪلو آهيان ته سوچڻ سان ڪوئي ٽارزن يا ٽائي سن نه ٿو بڻجي وڃي. انهن فرمايو ته مان ملڪ جي بهتري ۽ بقا و سلامتي ۽ ملڪ جي عوام جي ترجماني ڪندي سول نافرماني جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي،ڇو ته مان سمجهان ٿو ته ڪن جڳهن تي مصلحت سان ڪم وٺڻ ڪبيرو گناھ بڻجي وڃي ٿو.


7/18/2024 2:33:38 AM