Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نيوز ويڪ جناب الطاف حسين جي جدوجهد کي تسليم ڪندي انهن کي دي رائيٽ مين جو خطاب ڏنو آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر يوسف شاهواڻي.


 Posted on: 8/17/2014
نيوز ويڪ جناب الطاف حسين جي جدوجهد کي تسليم ڪندي انهن کي دي رائيٽ مين جو خطاب ڏنو آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر يوسف شاهواڻي.
يوسف شاهواڻي ڪراچي ۾ معزز شخصيتن سان ملاقات ڪري انهن کي جناب الطاف حسين جي انٽريو دي رائيٽ مين جون ڪاپيون پيش ڪيون.
ڪراچي؛ 17 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي ڪراچي ۾ معزز شخصيتن سان انهن جي رهائشگاهن تي ملاقات ڪري انهن کي انگريزي رسالي نيوز ويڪ ۾ شائع ٿيندڙ جناب الطاف حسين جي انٽرويو دي رائيٽ مين جون سنڌي، اردو ۽ انگريزي جون ڪاپيون پيش ڪيون.ان موقعي تي ڳالھ ٻولھ ڪندي يوسف شاهواڻي چيو ته جناب الطاف حسين 35 سالن کان غريبن ۽ وچولي طبقي جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن اها ئي وجه آهي ته بين الاقوامي رسالي نيوز ويڪ انهن جي جدوجهد کي تسليم ڪندي انهن کي دي رائيٽ مين جو خطاب ڏنو آهي. ان موقعي تي معززن جناب الطاف حسين جي ساراھ ڪندي چيو ته واقعي جناب الطاف حسين هڪ بهادر ليڊر آهن جن هميشه غريبن جي حقن جي لاءِ ويڙھ ڪئي آهي.ان موقعي تي ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي جو انچارج فرخ اعظم ۽ ٻيا به موجود هئا.
****

7/18/2024 2:36:23 AM