ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي رابطو، ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ.
اوهان معاملن کي پرامن طريقي سان حل ڪرائڻ جي لاءِ جيڪي ڪوششون ڪري رهيا آهيو اسان انهن کي قدر جي نگاھ سان ڏسون ٿا. خواجه سعد رفيق.
منهنجي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته تمام معاملا افهام و تفهيم ۽ پرامن طريقي سان حل ٿين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 17 آگسٽ 2014
ريلوي جي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي مرڪزي رهنما خواجه سعد رفيق ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي رابطو ڪيو ۽ انهن سان ملڪ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي.خواجه سعد رفيق ملڪ جي موجوده سياسي بحران جي حل جي لاءِ جناب الطاف حسين جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اوهان معاملن کي پرامن طريقي سان حل ڪرائڻ جي لاءِ جيڪي ڪوششون ڪري رهيا آهيو اسان انهن کي قدر جي نگاھ سان ڏسون ٿا. خواجه سعد رفيق چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته اسان مسئلي کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪريون.جناب الطاف حسين فرمايو ته منهنجي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته تمام معاملا افهام و تفهيم ۽ پرامن طريقي سان حل ٿين.