جناب الطاف حسين جي طرفان پشاور ۾ تيز برساتن جي ڪري ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار.
حڪومت جي اها ذميواري آهي ته اها برساتن کان اڳ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 15 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پشاور جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن جي ڪري ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ و زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته حڪومت جي طرفان قدرتي آفتن کان نڀرڻ جي لاءِ موثر قدمَ نه کڻڻ جي ڪري قيمتي انساني جانين جو زيان افسوسناڪ آهي ۽ حڪومت جي اها ذميواري آهي ته اها برساتن کان اڳ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کان بروقت نڀري سگهجي.جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ ۾ مڪاني حڪومتن جو نظام نه هجڻ جي ڪري عوام پريشاني جو شڪار آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي برساتن جي نتيجي ۾ هلاڪ ٿيندڙ تمام ماڻهن جا درجات بلند فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.جناب الطاف حسين خيبرپختونخواھ جي صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي بهترين سهولتون فراهم ڪري .