ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن اشفاق منگي ۽ احمد سليم صديقي پيپلز پارٽي جي سينيئر رهنما مير نادر مگسي جي اسپتال وڃي ڪري عيادت ڪئي.
ڪراچي؛ 15 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن اشفاق منگي ۽ احمد سليم صديقي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر رهنما ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي مير نادر مگسي جي هڪ مقامي اسپتال ۾ وڃي ڪري عيادت ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن جي خيريت دريافت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي جو انچارج فرخ اعظم به انهن سان گڏ هو. رابطا ڪميٽي جي ميمبرن مير نادر مگسي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.ان موقعي تي ميرنادر مگسي علالت جي موقعي تي ياد رکڻ تي جناب الطاف حسين جو شڪريو به ادا ڪيو.