متحده قومي موومينٽ جي احتجاج کان پوءِ پوليس ۽ انتظاميه ايم ڪيو ايم جي وفد کي ماڊل ٽائون ۾ ماڻهن جي لاءِ کاڌي پيتي جون شيون کڻي وڃڻ جي اجازت ڏيئي چڏي.
ايم ڪيو ايم جو وفد رات جو سامان کڻي ماڊل ٽائون پهچي ويو.
ڪراچي؛ 14 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي احتجاج کان پوءِ لاهور جي پوليس ۽ انتظاميه ايم ڪيو ايم جي وفد کي ماڊل ٽائون ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون کڻي وڃڻ جي اجازت ڏيئي چڏي آهي، جنهن کان پوءِ ايم ڪيو ايم جو وفد رات جو کائڻ پيئڻ جون شيون کڻي ماڊل ٽائون پهچي ويو.ايم ڪيو ايم وفد ۾رابطا ڪميٽي ميمبر افتخار اڪبر رنڌاوا ۽ ٻيا شامل هئا.واضع رهي ته رات جو ايم ڪيو ايم جو وفد سامان کڻي ماڊل ٽائون پهتو ته پوليس ۽ انتظاميه انهن کي روڪي ورتو هو.پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنمائن تمام تر مشڪلاتن جي باوجود کاڌي پيتي جون شيون پهچائڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو.