متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حضرت داتا گنج بخش جي مزار تي حاضري ڏني.
رابطا ڪميٽي مزار شريف تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان چادر به چڙهائي.
لاهور؛ 11 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق، افتخار اڪبر رنڌاوا، خالد سلطان، عبدالحسيب ۽ ٻين حضرت داتا گنج بخش جي مزار شريف تي حاضري ڏني ۽ دعا ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مزار شريف تي چادر به چڙهائي. ان موقعي تي انهن سان صوبائي تنظيمي ڪميٽي پنجاب جا ميمبر ۽ سينٽرل پنجاب جا ذميوار به گڏ هئا.رابطا ڪميٽي داتا دربار تي حاضري وقت جناب الطاف حسين جي وڏي عمر، صحت و تندرستي، پاڪستان جي ترقي و سلامتي، دهشت گردن جي خلاف شروع ڪيل آپريشن ضرب جي ڪاميابي ۽ ايم ڪيو ايم جي شهيدن جي بلند درجات جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪيون.