Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي شيخ رشيد احمد سان فون تي ڳالھ ٻولھ، لال حويلي تي ڪجھ هٿياربند ماڻهن جي طرفان حملي جي ڪوشش تي مذمت جو اظهار.


 Posted on: 8/11/2014
 
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي شيخ رشيد احمد سان فون تي ڳالھ ٻولھ، لال حويلي تي ڪجھ هٿياربند ماڻهن جي طرفان حملي جي ڪوشش تي مذمت جو اظهار.
اها وڏي ڪريل حرڪت آهي،حڪومت خدا جي واسطي اهڙين حرڪتن کان باز رهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن ؛11 آگسٽ 2014
          ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان عوامي مسلم ليگ جي سربراھ شيخ رشيد احمد جي گهر لال حويلي تي ڪجھ هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان حملي جي ڪوشش ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي.جناب الطاف حسين شيخ رشيد سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪري انهن جي خيريت دريافت ڪئي ۽ ان واقعي جي باري ۾ معلوم ڪيو.شيخ رشيد انهن کي ٻڌايو ته دهشت گردن هڪ ٽولي جي شڪل ۾ اڄ لال حويلي تي حملو ڪيو ۽ انهن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي.جناب الطاف حسين ان واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي فرمايو ته اها وڏي ڪريل حرڪت آهي، حڪومت کي گهرجي ته اها خدا جي واسطي ان قسم جا هٿڪنڊا اختيار نه ڪري ۽ اهڙين حرڪتن کان باز رهي . شيخ رشيد خيريت دريافت ڪرڻ تي جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪيو. انهن ماڊل ٽائون ۾ايم ڪيو ايم جي طرفان کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻارن جو کير پهچائڻ تي جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اهو عمل انتهائي سٺو آهي ۽ ان کي هر هڪ ساراهيو آهي.ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٽ ٿي.
*

5/16/2024 11:10:46 PM