Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تيزي سان بگڙندڙ سياسي حالتون ٽڪراءُ ۽ مارڪٽ جون نه بلڪه ضبط و تحمل ۽ برداشت جو تقاضا ڪن ٿيون.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 8/11/2014
تيزي سان بگڙندڙ سياسي حالتون ٽڪراءُ ۽ مارڪٽ جون نه بلڪه ضبط و تحمل ۽ برداشت جو تقاضا ڪن ٿيون.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي کي دردمندانه اپيل ڪريان ٿو ته اهي خدا جي واسطي ڳالھ ٻولھ جا دروازا بند نه ڪن .
رابطا ڪميٽي، پارليامينٽ جا حق پرست ميمبر ۽ تنظيمي عهديدار حالتن تي ڪڙي نظر رکن.
نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ تمام شعبن جي گڏيل اجلاس کي خطاب.
لنڊن؛ 11 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان جون تيزي سان بگڙندڙ سياسي حالتون  ٽڪراءُ ۽ مارڪٽ جون نه بلڪه صبر و تحمل ۽ برداشت ڪرڻ جو تقاضا ڪن ٿيون، ان جي ڪري مان حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي کي دردمندانه اپيل ڪريان ٿو ته اهي خدا جي واسطي ملڪ جي نازڪ صورتحال کي نظر ۾ رکندي هر قسم جي غير آئيني ۽ غيرقانوني قدمن ۽ محاذ آرائي کان پاسو ڪن. هڪ ٻئي جي لاءِ ڳالھ ٻولھ جا دروازا بند نه ڪن ۽ ڳالھ ٻولھ جي مسئلن کي افهام و تفهيم سان حل ڪن.انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين تنظيمي شعبن جي ميمبرن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ جون سياسي حالتون روز بروز تيزي سان بگڙنديون پيون وڃن ۽ ٻنهي طرفان ضد ۽ پنهنجي پنهنجي ڳالھ تي اڙيل رهڻ سان مسئلا وڌندا پيا وڃن جڏهن ته هي وقت لچڪ ڏيکارڻ جو آهي.انهن فرمايو ته حڪومت ۾ هجڻ جي ڪري وزير اعظم ميان نواز شريف تي وڌيڪ ذميواري عائد ٿئي ٿي ان جي ڪري انهن کي وڏي پڻ جو مظاهرو ڪندي ڳالھ ٻولھ ۾ اڳرائي ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اپوزيشن جي جائز مطالبن کي تسليم ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ حڪومت جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي ۽ حالتن جي بهتري جي لاءِ اهو ضروري آهي.انهن فرمايو ته منهنجي دعا ۽ خواهش آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي پنهنجين دلين ۾ نرم گوشو پيدا ڪن. انهن فرمايو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي ضد تي قائم رهيون ته ان جا نتيجا ملڪ و قوم جي لاءِ فائدي مند ثابت نه ٿيندا.انهن فرمايو ته عمران خان ۽ ڊاڪٽر علامه طاهر القادري اڄ جيڪي وضاحتون پيش ڪيون آهن انهن تي حڪومت کي غور ڪرڻ گهرجي.ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته عمران خان،طاهر القادري ۽ عوام جي مسئلن کي ٻڌو وڃي ۽ محاذ آرائي ۽ ٽڪراءُ کان پاسو ڪيو وڃي.انهن فرمايو ته اتر وزيرستان ۾ ملڪ دشمن دهشت گردن جي خلاف آپريشن ضرب عضب جاري آهي ۽ فوج دهشت گردن سان مقابلو ڪري رهي آهي.انهن رابطا ڪميٽي، پارليامينٽ جي حق پرست ميمبرن ۽ تنظيمي عهديدارن تي زور ڏنو ته اهي حالتن تي ڪڙي نظر رکن ۽ پنهنجيون ذميواريون احسن طريقي سان نڀائين.

5/16/2024 9:16:35 PM