Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن هر قسم جي غير آئيني قدمن ۽ محاذ آرائي کان پاسو ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 8/11/2014
ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن هر قسم جي غير آئيني قدمن ۽ محاذ آرائي کان پاسو ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن جي خلاف آپريشن ضرب عضب جاري آهي ۽ پاڪ فوج دهشت گردن سان مقابلو رهي آهي.
ڪميٽيون تشڪيل ڏيئي ۽ عمران خان صاحب ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري سان ڳالھ ٻولھ جو آغاز ڪري موجوده صورتحال جو حل ڪڍيو وڃي.
لاهور جي ميڊيڪل اسٽورن جي مالڪن کي اپيل آهي ته اهي ماڊل ٽائون لاهور ۾ ڪي ڪي ايف جي ميڊيڪل ڪيمپ ۾ ضروري دوائون عطيو ڪن.
پنهنجي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي حڪومت ۽ اپوزيشن کي دردمندانه اپيل.
لنڊن؛ 11 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حڪومت ۽ اپوزيشن کي دردمندانه اپيل ڪئي آهي ته اهي ملڪ جي نازڪ ترين صورتحال کي نظر ۾ رکندي عقلندي جو مظاهرو ڪن ۽ هر قسم جي غير آئيني ۽ غيرقانوني قدمن ۽ محاذ آرائي کان پاسو ڪن ۽ ڳالھ ٻولھ جو باقائده آغاز ڪري مسئلن کي افهام و تفهيم سان حل ڪن.انهن لاهور جي ميڊيڪل اسٽورن جي مالڪن کي اپيل ڪئي ته اهي ماڊل ٽائون لاهور ۾ ڪي ڪي ايف جي ميڊيڪل ڪيمپ ۾ ضروري دوائون عطيو ڪن ۽ لاهور جا ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف يوم شهداء جي شرڪاء جي علاج معالجي جي لاءِ جيترو ممڪن ٿي سگهي وقت ڏين. سومر جي ڏينهن پنهنجي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان محمد نواز شريف، وفاقي ڪابينا، وزير اعلٰي ميان شهباز شريف ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن کي اپيل ڪئي ته اهي تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري جي طرفان پيش ڪيل وضاحتن کان پوءِ فهم و فراست کان ڪم وٺي ان موقعي مان ڀرپور فائدو کڻن، ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته عمران خان،ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ عوام جا مطالبا ٻڌا وڃن، ٽڪراءُ ۽ محاذ آرائي کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ٽن کان چئن ماڻهن جون ڪميٽيون تشڪيل ڏيئي ڪري عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري سان ڳالھ ٻولھ ڪري موجوده صورتحال جو حل ڪڍيو وڃي.ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجو غيرمشروط تعاون پيش ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته اتر وزيرستان ۾ فوج دهشت گردن سان مقابلو ڪري رهي آهي جڏهن ته سيالڪوٽ سيڪٽر ۾ ڀارت جي طرفان حملا ڪيا پيا وڃن، اهڙي موقعي تي حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي کي انتهائي عقلمندي ۽ هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ سياسي مفادن کي هڪ پاسي رکي ڪري ملڪ جي سلامتي ۽ بقا جي فڪر ڪرڻ گهرجي.پاڪستان جي داخلي صورتحال جي ڪري ماڻهو پنهنجو ناڻو ٻاهر منتقل ڪري رهيا آهن جنهن سان ملڪ جي معيشت تي وڏا خراب اثر پئجي رهيا آهن، انهن حالتن ۾ ملڪ کي بچائڻ ۽ معيشت جي بهتري جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي جو فرض آهي.حڪومت کي وڏي پڻ جو مظاهرو ڪندي ڳالھ ٻولھ ۾ اڳرائي ڪرڻ گهرجي.ڇو ته اپوزيشن جي جائز مطالبن کي تسليم ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ حڪومت جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي.انهن فرمايو ته منهنجي دعا آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي هڪ ٻئي سان ڳالهين جي لاءِ پنهنجين دلين ۾نرم گوشو پيدا ڪن،انهن جي وچ ۾ ڳالھ ٻولھ جو آغاز ٿئي ۽ ٻئي ملڪ جي موجوده حالتن کي ڏسندي افهام و تفهيم جو رستو اختيار ڪري ڪنهن مثبت رستي تي پهچي وڃن انهي ۾ پاڪستان جي سلامتي ۽ ڀلائي آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ اپوزيشن ان موقعي مان فائدو نه کنيو ۽ ٻئي ضد تي قائم رهيون ته ان جا نتيجا ملڪ و قوم جي لاءِ سٺا نه نڪرندا.



5/16/2024 9:41:40 PM