Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدر عباس رضوي ۽ اسلم آفريدي جي گلگت بلتستان ۾ معروف عالم سيد آغا راحت علي سان ملاقات.


 Posted on: 8/11/2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدر عباس رضوي ۽ اسلم آفريدي جي گلگت بلتستان ۾ معروف عالم سيد آغا راحت علي سان ملاقات.
ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي عوام جي مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي .
گلگت بلتستان؛ 11 آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي طرفان گلگت بلتستان ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي جماعتن جي رهنمائن، مختلف رهنمائن ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکڻ وارين شخصيتن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ حيدر عباس رضوي ۽ اسلم آفريدي معروف عالم سيد آغا راحت علي سان ملاقات ڪئي ۽ گلگت بلتستان جي عوام جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي.ان موقعي تي ايم ڪيو ايم گلگت بلتستان ڪميٽي جو انچارج عارف شاھ ۽ ٻيا به موجود هئا. ملاقات ۾ سيد آغا راحت علي ملڪ جي داخلي استحڪام ۽ سالميت جي لاءِ جناب الطاف حسين جي طرفان کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ انهن کي ملڪ و قوم جي لاءِ مثبت قرار ڏنو.انهن چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ جا واحد ليڊر آهن جن گلگت بلتستان جي عوام جي ترجماني ڪندي حڪومت کان ڪڻڪ جي سبسڊي جو مطالبو ڪيو ۽ ان مسئلي کي ايوانن ۾ اٿاريو جنهن تي گلگت بلتستان جا عوام جناب الطاف حسين جا مشڪور آهن.حيدر عباس رضوي ۽ اسلم آفريدي سيد آغا راحت علي جي خيالن کي ساراهيندي چيو ته جناب الطاف حسين سڄي ملڪ جي قومن جا قائد آهن ۽ اها ئي وجه آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ اڄ هر قوم جا غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو شامل آهن ۽ پاڪستان کي بچائڻ ۽ جاگيرداراڻه نظام جي خاتمي جي لاءِ عملي جدوجهد جو حصو بڻجي چڪا آهن.ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي اسماعيلي ريجنل ڪميٽي سان ملاقات ڪئي ۽ آغا ضياء الدين شهيد جي قبر تي حاضري ڏني ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان گلن جي چادر چڙهائي ۽ فاتحه خواني به ڪئي.
*

5/16/2024 9:42:06 PM