Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جي هدايت تي ماڊل ٽائون لاهور ۾ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪيو ويو آهي.


 Posted on: 8/11/2014
جناب الطاف حسين جي هدايت تي ماڊل ٽائون لاهور ۾ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪيو ويو آهي.
لنڊن؛ 11 آگسٽ 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي ماڊل ٽائون لاهور ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي تحت يوم شهداء جي شرڪاء کي طبي امداد جي فراهمي جي لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪيو ويو آهي.جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي تحت يوم شهداء جي شرڪاء جي لاءِ کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻارن جو کير فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.تفصيلات جي مطابق ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي تحت ماڊل ٽائون لاهور ۾ منهاج القرآن سيڪريٽريٽ جي ويجهو ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪيو ويو آهي، جتي ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جا ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل جو اسٽاف شرڪاء کي علاج معالجي جون سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي.ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جي طرفان پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر علامه طاهر القادري جي رهائشگاھ تي يوم شهداء جي شرڪاء جي لاءِ کاڌي پيتي ۽ ٻارن جي کير جي فراهمي جو سلسلو بدستور جاري آهي ۽ اڄ به ايم ڪيو ايم جي تحت هزارين شرڪاء کي کاڌي پيتي جو سامان، پاڻي ۽ کير فراهم ڪيو ويو آهي جنهن کي پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن جي طرفان ساراهيو ويو آهي.ان کان اڳ جناب الطاف حسين ماڊل ٽائون لاهور ۾ ڏينهن رات مصروف رابطا ڪميٽي، لاهور زون جي ذميوارن، ڪي ڪي ايف ۽ ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي سلام تحسين ۽ زبردست خراج تحسين به ڪيو آهي.
****

5/16/2024 10:30:10 PM