Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد شاڪر علي ۽ اشفاق منگي ملير پريس ڪلب ۽ عوامي پريس ڪلب ملير جو دورو ڪيو.


 Posted on: 8/11/2014
رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد شاڪر علي ۽ اشفاق منگي ملير پريس ڪلب ۽ عوامي پريس ڪلب ملير جو دورو ڪيو.
آمريڪي رسالي ۾ دي رائيٽ مين جي عنوان سان شائع ٿيندڙ جناب الطاف حسين جي انٽرويو جون انگريزي، سنڌي ۽ اردو جون ڪاپيون پريس ڪلب جي صدرن، ميمبرن ، صحافين ۽ معزز شخصيتن ۾ تقسيم ڪيون.
ڪراچي؛ 11 آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد شاڪر علي ۽ اشفاق منگي ملير پريس ڪلب ۽ عوامي پريس ڪلب ملير جو دورو ڪيو ۽ پريس ڪلب جي صدرن، ميمبرن، صحافين ۽ معزز شخصيتن ۾ آمريڪي رسالي ۾ دي رائيٽ مين جي عنوان سان شائع ٿيندڙ جناب الطاف حسين جي انٽرويو جي سنڌي، انگريزي ۽ اردو ترجمي جون ڪاپيون ورهايون. ان موقعي تي ملير پريس ڪلب جو صدر مير ذوالفقار ۽ ميمبرَ،عوامي پريس ڪلب ملير جو صدر صدر الدين شيخ ۽ ميمبر ،گلشن حديد جي معززن ۽ معروف شخصيتن، ممتاز صحافي طارق پٽاڻ، سابق ناظم رضا جتوئي، ڊاڪٽر طارق، هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار، عبدالقادر ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي جو انچارج ۽ ميمبر به موجود هئا.پريس ڪلب جي صدرن، صحافين ۽ معزز شخيصتن نيوز ويڪ ۾ جناب الطاف حسين جي شائع ٿيندڙ انٽرويو کي تحقيقي صحافت قرار ڏنو ۽ چيو ته جناب الطاف حسين کي آمريڪي رسالي جي طرفان دي رائيٽ مين جو خطاب ڏيڻ هڪ اعزاز آهي.رابطا ڪميٽي ميمبرن نيوز ويڪ ۾ شائع ٿيندڙ جناب الطاف حسين جي انٽرويو تي سنڌي صحافين جي تاثرن کي ساراهيندي چيو ته اهو عالمي معيار جو رسالو آهي، ان رسالي جناب الطاف حسين جي حقيقت پسندانه ڳالهين کي سچ قرار ڏيندي انهن کي دي رائيٽ مين جو لقب ڏنو.نيوز ويڪ جي پنهنجي هڪ ساک آهي ان پاڪستان جي ڪيترن ئي سياستدانن ۽ سماجي رهنمائن جا انٽرويو ڪيا پر جناب الطاف حسين کان علاوه ڪنهن به پاڪستاني شخصيت کي سچو ۽ حقيقت پسندانه قرار نه ڏنو.
****

5/16/2024 7:29:00 PM