Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لاهور ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪنٽينرَ ۽ گاڏين جي ذريعي بند ڪيل روڊن ۽ رستن کي فوري طور تي کوليو وڃي. جناب الطاف حسين.


 Posted on: 8/10/2014
لاهور ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪنٽينرَ ۽ گاڏين جي ذريعي بند ڪيل روڊن ۽ رستن کي فوري طور تي کوليو وڃي. جناب الطاف حسين.
لاهور ۽ پنجاب جي ٻين شهرن کان جيڪي اطلاعون ملي رهيون آهن اهي انتهائي دردناڪ آهن.
لنڊن؛ 10 آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف، وفاقي حڪومت ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومت کي خدا تعالٰي ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو واسطو ڏيندي دردمندانه اپيل ڪئي آهي ته لاهور ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪنٽينرَ ۽ ٻين رڪاوٽن جي ذريعي جن روڊن ۽ رستن کي بند ڪيو ويو آهي انهن کي فوري طور تي کوليو وڃي ۽ رستا بند ٿيڻ سان شهرين جي پريشانين جو خاتمو ڪيو وڃي.پنهنجي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته لاهور ۽ پنجاب جي ٻين شهرن کان جيڪي اطلاعون ملي رهيون آهن اهي افسوسناڪ آهن، لاهور اچڻ وارن تمام روڊن ۽ رستن کي بلاڪ ڪيو ويو آهي، تمام گاڏين کي ايستائين جو ايمبولينسن کي به اچڻ وڃڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.جنهن جي ڪري ماڻهو پنهنجين منزلن تي نه پهچي رهيا آهن، مريض اسپتالن ۾ تڙپي رهيا آهن، حامله عورتون گاڏين ۾تڪليف ۾ تڙپي رهيون آهن، ڊاڪٽرَ، نرسون ۽ پيرا ميڊيڪل جو اسٽاف اسپتال نه پهچي رهيو آهي.انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير اعلٰي پنجاب ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي دردمندانه اپيل ڪئي ته تمام روڊن ۽ رستن کي بند ڪرڻ ۽ شهرين کي محصور ڪرڻ سراسر ظلم آهي،خدا جي واسطي رستن کي کوليو وڃي ، جيڪڏهن حڪومت ۽ انتظاميه کي اهو خوف آهي ته رستا کولڻ سان ڪوئي دهشت گرد اندر گهري ايندو ته اوهان پوليس جي ذريعي گاڏين کي چيڪ ڪري وٺو پر ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ اسپتال وڃڻ ڏنو وڃي.لاهور ۾ پيٽرول پمپ بند آهن ۽ ماڻهن کي سخت پريشاني جو سامنو آهي، انهن فرمايو ته شهرين جي جان و مال کي تحفظ فراهم ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته حڪومت کي گهرجي ته اها ماڻهن کي يوم شهداء ۾ شرڪت ڪرڻ ڏي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته 14 آگسٽ ڪنهن هڪ جماعت جو ڏينهن نه بلڪه ان ڏينهن پوري قوم يوم آزادي ملهائي ٿي ان جي ڪري ظلم جو سهارو وٺي ڪري يوم آزادي جي ڏينهن کي ظلم جي ڏينهن ۾ تبديل نه ڪيو وڃي.



5/16/2024 9:57:35 PM