Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي 8 رڪني طبي ٽيم منهاج القرآن جي يوم شهداء جي شرڪاء کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ لاهور روانه ٿي وئي.


 Posted on: 8/10/2014
ايم ڪيو ايم جي 8 رڪني طبي ٽيم منهاج القرآن جي يوم شهداء جي شرڪاء کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ لاهور روانه ٿي وئي.
طبي ٽيم کي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڊاڪٽر نصرت پنهنجي نگراني ۾ روانا ڪيو.
ڪراچي؛ 10 آگسٽ 2014
             لاهور ۾ تحريڪ منهاج القرآن جي زير اهتمام يوم شهداء جي شرڪاء کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي 8 رڪني طبي ٽيم آچر جي شام روانا ڪئي وئي.طبي ٽيم کي نائن زيرو خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ کان ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي،ڊاڪٽر نصرت ۽ ٻين روانو ڪيو. ٽيم جي سربراهي ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جو انچارج ڊاڪٽر فاروق جميل ڪري رهيا آهن، ايم ڪيو ايم جي طبي ٽيم لاهور ۾ تحريڪ منهاج القرآن جي تحت ٿيندڙ يوم شهداء کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ مختلف هندن تي طبي ڪيمپ قائم ڪندي.طبي ٽيم وٽ جان بچائڻ واريون دوائون، سرجيڪل جو سامان ۽ ٻيو سامان وڏي مقدار ۾ موجود آهي.ٽيم جي روانگي جي وقت ڊپٽي ڪنوينرن ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين جي هدايت جي مطابق ميڊيڪل ٽيم سياسي مقصدن کان بالاتر ٿي ڪري يوم شهداء جي شرڪاء کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ روانا ڪئي وئي آهي.


5/16/2024 10:51:13 PM