Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حڪومت عوام کي انهن جي آئيني ۽ قانوني حقن کان محروم رکي ڪري ڊرامي بازي ڪري رهي آهي. وسيم اختر ايم ڪيو ايم.


 Posted on: 8/10/2014
حڪومت عوام کي انهن جي آئيني ۽ قانوني حقن کان محروم رکي ڪري ڊرامي بازي ڪري رهي آهي. وسيم اختر ايم ڪيو ايم.
پنهنجيون سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ وارا ڪڏهن به ملڪ جي محروم ۽ غريب عوام جا مسئلا حل ڪري نه ٿا سگهن.
مسلم ليگ ن جي رهنما ماروي ميمڻ جي طرفان ايم ڪيو ايم جي باري ۾ ڏنل کل جهڙي بيان تي تبصرو.
ڪراچي؛ 10 آگسٽ 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رهنما وسيم اختر مسلم ليگ ن جي رهنما ماروي ميمڻ جي ايم ڪيو ايم جي باري ۾ ڏنل بيان تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته جمهوريت ڪنهن به قسم جي سياسي يا ذاتي انتقام جو درس نه ٿي ڏيئي ۽ اهڙي عمل جي بلڪل خلاف آهي.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم انسانيت جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين به اسان کي سياست برائي خدمت جو درس ڏنو آهي. انهن چيو ته پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ هر پاڪستاني جو جمهوري ۽ آئيني حق آهي ۽ حڪومت عوام کي انهن جي ان آئيني ۽ قانوني حق کان محروم رکي ڪري ڊرامي بازي ڪري رهي آهي. وسيم اختر مسلم ليگ ن جي رهنما ماروي ميمڻ کي مخاطب ڪندي چيو ته جمهوريت جو دعوٰي ڪرڻ وارا اڄ پاڻ جمهوريت جا دشمن بڻيل آهن ۽ پنهنجي سياسي وفاداري تبديل ڪرڻ وارا ڪڏهن به ملڪ جي محروم ۽ غريب عوام جا مسئلا حل ڪري نه ٿا سگهن.ان جي ڪري انهن کي ان قسم جي کل جهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
****

5/16/2024 7:16:41 PM