لاهور ۾ منهاج القرآن جي سيڪريٽريٽ ۽ مختلف علائقن ۾ موبائيل فون بند ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
موبائيل فون فوري طور تي بحال ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو انتباھ.
ڪراچي؛ 10 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لاهور ۾ تحريڪ منهاج القرآن جي سيڪرٽريٽ،آس پاس جي علائقن ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ موبائيل فون بند ڪرڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته موبائيل فون سروس کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته موبائيل فون سروس بند ڪرڻ شهرين جي بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي ان جي ڪري موبائيل فون سروس بند نه ڪئي وڃي ۽ شهرين جي معمولات زندگي ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن.