رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ناصر جمال کي انهن جي تمام گهڻين مصروفيتن ڪري ڊپٽي ڪنوينر جي عهدي کان هٽائي ڪري انهن جون خدمتون سينٽرل انفارميشن ڪميٽي جي حوالي ڪري چڏيون آهن.
ان کان علاوه رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر صغير احمد کي به رابطا ڪميٽي جي عهدي کان هٽايو ويو آهي.
ڪراچي؛ 10 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ناصر جمال کي انهن جي تمام گهڻين مصروفيتن جي ڪري انهن کي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر جي عهدي کان هٽائي چڏيو آهي ۽ انهن جون خدمتون سينٽرل انفارميشن ڪميٽي جي حوالي ڪيون ويون آهن ته جيئن انهن کي جيڪو به وقت ملي اهي پنهنجيون صلاحيتون نيوز ڪميٽي کي ڏين.ان کان علاوه رابطا ڪميٽي صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد کي به رابطا ڪميٽي جي عهدي کان هٽائي چڏيو آهي ته جيئن اهي به وزير صحت جي حيثيت سان پنهنجيون ذميواريون احسن طريقي سان نڀائي سگهن ۽ سنڌ ۾ صحت جي متعلق معاملن کي بهتر ڪري سگهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪري چڏي آهي.
****