قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي منهاج القرآن جي تحت منعقد ٿيندڙ يوم شهداء جي سلسلي ۾ منهاج القرآن سيڪريٽريٽ تي موجود ڪارڪنن جي لاءِ روز مره جي کاڌي پيتي جي شين جا 3 ٽرڪ روانا ڪيا ويا آهن. ايم ڪيو ايم جو اعلان.
لاهور؛ 10 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي لاهور ۾ منهاج القرآن جي تحت يوم شهداء جي سلسلي ۾ منهاج القرآن جي ڪارڪنن جي لاءِ ڪي ڪي ايف جي طرفان روز مره جي کاڌي پيتي جي شين جا 3 ٽرڪ روانا ڪيا ويا آهن. سامان ۾ برياني، منرل واٽر جون بوتلون، بسڪوٽ ، جوس ۽ ٻيون شيون شامل آهن. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبرَ سيد امين الحق، عبدالحسيب، خالد سلطان، رشيد گوڏيل ، افتخار اڪبر رنڌاوا ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن جي وڏي تعداد موجود هئي.